طحاوي رحه امام

طحاوي رحه امام: مشھور عالم ۽ بزرگ امام ابو جعفر احمد بن محمد الطحاوي جو جنم 853ع ڌاري مصر جي ڳوٺ ’طحا‘ ۾ ٿيو،. پنھنجي ڳوٺ جي نالي جي نسبت سان ’طحاوي‘ سڏيو ويو . پنھنجي وقت ۾ حديث، فقہ ۽ اقوال سلف ۾ امام ڪري مڃيو ويندو هو. کيس تحقيق جي سلسلي ۾ وڏي بصيرت حاصل هوندي هئي، پاڻ تصنيف ۽ تاليف ۾ وڏا جوهر ڏيکاريائين. هن جو والد بہ عظيم مرتب، عالم ۽ ديندار هو. هن پنھنجي والد کان بہ حديث جو علم حاصل ڪيو. هو شافعي مسلڪ سان وابستہ هو. هن پنھنجي مامي علامہ اسماعيل مزني رحه کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هئي. سندس مامو امام شافعي رحه جو خاص شاگرد ۽ جانشين هو، ان هوندي بہ اهو امام اعظم ابو حنيفہ رحه جي فرقي جا ڪتاب گهڻي قدر پڙهندو هو. امام طحاوي رحه جڏهن کانئس ان جو سبب معلوم ڪيو، تڏهن مامي کيس جواب ڏنو تہ ان جو ڪارڻ اهو آهي جو امام اعظم رحه جي مسلڪ ۾ فقھ ۽ علم و دانش جا باريڪ نڪتا تمام گهڻا آهن. اهو جواب ٻڌي هو بہ حنفي فقہ جو شيدائي ٿي پيو ۽ جلدي اهو مسلڪ اختيار ڪري ورتائين. امام صاحب وڏي چاھہ سان ”فقھ حنفيہ“ جي زمري ۾ داخل ٿيو هو. ان ڪري هن حنفي فقہ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري ورتي. انهيءَ سبب جي ڪري کيس ’وڪيل الاحناق‘ جو لقب مليو. هن جي حنفي ٿيڻ جو سبب صدائق الحنفيه جو مصنف ’فتاوى برهنه‘ جي حوالي سان لکي ٿو تہ: ”امام صاحب جڏهن پنھنجي مامي وٽ زير تعليم هو تہ هڪ ڏينهن اهو مسئلو بحث هيٺ آيو تہ جيڪڏهن ڪا ڳورهاري عورت فوت ٿي وڃي تہ حنفي مسلڪ مطابق يڪدم پيٽ چيري پار ڪڍي وٺجي. جڏهن امام طحاوي رحه ان طريقي سان پيدا ٿيو هو ۽ حنفي مسلڪ هن جي جياپي جو ذريعو بڻيو هو ان ڪري هن امام اعظم رحه جو فقهي ڪمال ڏسي حنفي ٿيڻ جو اعلان ڪري ورتو.“ هن مختلف موضوعن تي بي بھا معياري انداز جون تصنيفون يادگار ڇڏيون آهن، جن ۾: ’شرح معاني الاثار‘، ’مختصر طحاوي‘، ’اختلاف العلماءَ احڪام القرآن‘، ’ڪتاب الشروط الڪبير‘، ’ڪتاب الڙوط الاوسط‘، النوادرالفقهيھہ‘، ’ڪتاب النوادر والحڪايات‘، ’حڪم ارض مڪة‘، ’حڪم الفئي والغنائم‘، ’الردعلي ڪتاب المدلسين‘، ’ڪتاب الاشربه‘، ’الددعلي عيسى بن ابان‘، ’اختلاف الروايات‘، ’الرزيه‘، ’شرح الجامع الڪبير‘، ’شرح الجامع الصغير‘، ’ڪتاب المحاضرات والجلات‘، ’ڪتاب الوصايا والفرائض‘، ’ڪتاب التاريخ الڪبير‘، ’اخبار ابي حنيفة واصحابه‘، ’ڪتاب النحل‘، ’سنن الثافعي‘، ’التسوية بين حد ثنا واخبرنا‘، ’صحيح الاثار‘ ۽ ’الردعلي ابي عبيد‘ سميت ٻيون شامل آهن. انهن ڪتابن کانسواءِ هن ’عقيدة الطحاوي‘ جي نالي سان هڪ رسالو لکيو، جيڪو علم عقائد سان تعلق رکي ٿو. ان رسالي کي اردو ترجمي ۽ مفيد معلوماتي مقدمي سان مولانا عبدالمجيد سواتي شايع ڪيو آهي. امام طحاوي 21 نومبر933ع ڌاري وفات ڪئي. کيس مصر جي قرافه واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

933.11.21  عيسوي

امام ابو جعفر احمد بن محمد الطحاوي جو جنم 853ع ڌاري مصر جي ڳوٺ ’طحا‘ ۾ ٿيو،امام طحاوي 21 نومبر933ع ڌاري وفات ڪئي. کيس مصر جي قرافه واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد شاھہ
الحاج سيد پير الهيار شاھہ
احمد خان جمالي مولانا
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
شاھہ عنايت ﷲ جيلاني
محمد عظيم شيدا مولوي
آخوند قاضي ميان اسماعيل
نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر
غلام محمد گرامي
عبدالقادر چاچڙ ڊاڪٽر
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون