طُريل تاج محمد

طُريل تاج محمد

طريل تاج محمد

طُريل تاج محمد: مشھور بزرگ سخي تاج محمد طريل حضرت مخدوم نوح سرور رحه جي خاندان مان هو. سندس شجره نسب حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ سان ملي ٿو. سخي تاج محمد هڪ وڏو پٽڪو ٻڌندو هو، جنهن جو طُرو (پٽڪي جو ڇيڙو) هيٺ ٿرڪيل هوندو هو، انهيءَ ڪري کيس طريل سڏيو ويندو هو. هو ڪلهوڙن جي دؤر جو بزرگ هو. شروع ۾ کيس مذهبي ۽ ديني تعليم ڏانهن لاڙو هو. جڏهن جواني جي عمر ۾ پير رکيائين تہ هي حيدرآباد ويو، جتي هن پنھنجي مرشد سيد جعفر شاھہ رضويءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ ان جو مريد ٿي ست سال مرشد وٽ رهي سندس خدمت ڪيائين. ٻئي روايت ۾ ڄاڻايل آهي تہ سخي پير اصل حيدرآباد جي ناهين جي پڙ جو رهاڪو هو ۽ سخي پوٽه خاندان جو چشم و چراغ هو. هو ننڍي هوندي کان ئي مستاني طبيعت جو مالڪ هو. ڪابہ ظاهر تعليم نہ ورتي هئائين. حضرت لعل قلندر شھباز جو مريد ۽ عاشق هو. ڪيترائي دفعه پيرن پنڌ سيوهڻ جو سفر ڪيو هئائين. جتان کيس روحاني فيض مليو. پوءِ هو حيدرآباد ۾ ميمڻ محلي ويجهو قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول جي سامهون جهنڊل فقير جي پڙ تي جهنڊو کوڙي اچي ويٺو سندس ڪرامت جو ٻڌي پري جا ماڻهو ايندا هئا. چون ٿا تہ هن پنھنجي فيض سان ڪيترن ئي بيمارن، غريبن ۽ محتاجن کي نوازيو. سخاوت ۾ تمام گهڻو مشھور هوندو هو، ان ڪري سندس عقيدتمند سخي جي نالي سان کيس ياد ڪندا هئا. ڏينهن رات جي ذڪر ۾ مشغول رهندو هو. کيس وفات کانپوءِ وصيعت مطابق درگاھہ جهنڊل فقير جي درگاھہ جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. هر سال 23 رجب کان 25 رجب تائين سندس عرس ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو