طــٰـھٰ سورة

طــٰـھٰ (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي هڪ سورة جو نالو آهي، جيڪا ترتيب جي لحاظ سان ويهين ۽ سورة مريم کان پوءِ ۽ سورة انبياء کان اڳ ۾ قرآن مجيد ۾ آيل آهي. نزول جي لحاظ سان هيءَ پنجتاليهين سورة آهي. هن سورة ۾ ڪل 135 آيتون آهن، 130 ۽ 131 آيتون مديني ۾ نازل ٿيل آهن، باقي سموري سورة مڪي آهي. هن سورة جي شروع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قرآن مجيد الله کان ڊڄندڙن جي رهنمائي لاءِ لاٿو ويو آهي. هن سورة ۾ حضرت موسيٰ عليه السّلام جو قصو تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، ان تفصيل ۾ حضرت موسيٰ عليه السّلام جو طور سينا (جبل) تي الله تعاليٰ سان هم ڪلام ٿيڻ، عصا (لٺ)، يد بيضا (روشن ٿيندڙ هٿ) حضرت هارون عليه السّلام جي نبوت لاءِ حضرت موسيٰ عليه السّلام جي دعا، فرعون تي اثر وجهڻ جي لاءِ حضرت موسيٰ عليه السّلام جي الله تعاليٰ کان التجا، فرعون جي گهر ۾ حضرت موسيٰ عليه السّلام جو پلجڻ، جادوگرن جو حق جي سامهون سِر سجدي ۾ رکڻ، مصر مان بني اسرائيلن کي حق کان ٿيڙڻ جو ذڪر شامل آهي. ان کان پوءِ قرآن مجيد تي اعتراض ڪندڙن جي سزا، قيامت ۾ ڏوهارين جو احوال، آدم عليه السّلام جي قصي جا ڪجهه حصا، الله تعاليٰ جي يادگيري کان غافل رهندڙن جو حشر، گذريل امتن جي حالتن کان عبرت حاصل ڪرڻ ۽ قيامت جي ڏينهن تائين مشرڪن کي مهلت جو ذڪر آهي. آخر ۾ ڪافرن طرفان اذيتون ڏيڻ جو ذڪر ڪري حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي الله تعاليٰ جي وحدانيت تي ثابت قدم رهڻ ۽ الله تعاليٰ جي يادگيري ۾ مشغول رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو