طلاق سورة

طلاق (سورة): قرآن مجيد جي هن سورة جو ٻيو نالو النساء القصريٰ (ننڍي نساء سورة) پڻ آهي. هيءَ مدني سورة آهي ۽ هن جي آيتن جي ڳاڻيٽي ۾ اختلاف آهن. بصري جي قارين وٽ هن جون يارهن آيتون آهن، پر ٻين گهڻن عالمن هن جون ٻارهن ٻڌايون آهن. ڪن عالمن جو بيان آهي تہ پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن جڏهن ام المؤمنين حضرت بي بي حفصهرضه کي طلاق ڏني تہ ان تي هيءَ سورة نازل ٿي ۽ پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن کي چيو ويو تہ حضرت حفصهرضه سان رجوع ڪريو؛ ڇو تہ هوءَ روزي ۽ نماز جي پابند آهي ۽ جنت ۾ بہ اوهان جي پاڪ گهروارين ۾ شامل هوندي. ڪن روايتن موجب حضرت عبدالله بن عمر رضي عنه ۽ ڪجهہ ٻين اصحابن ماهواريءَ ۾ پنهنجين زالن کي طلاق ڏيئي ڇڏي هئي، تنهن تي هيءَ سورة نازل ٿي ۽ عدت موجب زالن کي طلاق ڏيڻ جو حڪم ٿيو. ڪجهہ عالمن چيو آهي تہ نڪاح، طلاق ۽ عدت وغيرہ جا ڪجهہ احڪام تہ ٻين سورتن ۾ بہ بيان ٿي چڪا هئا، باقي ضروري احڪام عطا ڪرڻ لاءِ تعاليٰ هيءِ سورة نازل فرمائي. عالمن هن سورة جي روشنيءَ ۾ طلاق، عدت ۽ رضاعت سان گڏ ٻيا ڪيترائي شرعي احڪام ۽ فقهي مسئلا ڪڍيا آهن. هن سورة جي باري ۾ پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن کان روايت آهي تہ جنهن شخص سورة الطلاق جي ورد کي جاري رکيو اهو رسول صلي عليہ وسلم جي سنت تي فوت ٿيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو