طلعت حسين
طلعت حسين (اداڪار): فلم، ٽي.وي، ريڊيو ۽ اسٽيج جو مشھور اداڪار، ھدايتڪار ۽ ليکڪ طلعت حسين ولد الطاف حسين وارثي 18 سيپٽمبر 1940ع تي دھلي (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. هن اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيشن ڪئي. سندس والده شائستھ بيگم ريڊيو پاڪستان ۾ انائونسر هئي. طلعت حسين پنھنجي فني زندگيءَ جي شروعات 1959ع ۾ ريڊيو تان ٻارن جي پروگرام سان ڪئي. 1967ع ۾ پي. ٽي. وي تان سندس پھريون ڊرامو ‘ارجمند’ ۽ 1968ع ۾ ‘گهوڙا گاس کاتا ھي’ نشر ٿيا. 1972ع ۾ ھن لنڊن اڪيڊمي آف ميوزڪ اينڊ ڊراميٽڪ آرٽ ۾ داخلا ورتي ۽ ميڊيا لاءِ ڪم ڪيو. ھن BBC اوورسيز ۽ BBC ٽيليويزن کانسواءِ آءِ.ٽي.اين لاءِ بھ ڪم ڪيو. هن برطانيھ ۾ نشي جي موضوع تي ٺھندڙ ٽي.وي سيريل ’ٽريفڪ‘ ۾ اداڪاري ڪئي. برطانيھ ۾ ئي ھڪ ٻئي ڊراما سيريل ’فيملي پرائڊ‘ ۾ اداڪاري جا جوھر ڏيکاري سڄي دنيا ۾ مڃتا ماڻي. ان سيريل جون 24 قسطون نشر ٿيون ۽ ان جو پروڊيوسر ضياء محي الدين ھو. PTV تي سندس مشھور ڊرامن ۾: ‘آنسو’، ‘بندش’، ‘ديس پرديس’، ‘فنوني لطيفي’، ‘ھوائين’، ‘اڪ نئين موڙ پھ’، ‘ڪشڪول’، ‘پرڇائيان’، ‘بن زياد'>طارق بن زياد’، ‘دي ڪيسل: اڪ اميد’، ‘ٽائيپسٽ’، ‘رابطھ’، ‘نائيٽ ڪانسٽيبل’، ‘مھرالنساءِ’، ‘جرم اور سزا’، ‘عيد ڪا جوڙا’ ۽ ‘درد ڪا شجر’ وغيره شامل آھن. سندس مشھور فلمن ۾: ‘چراغ جلتا رھا’ (1962ع)، ‘اشاره’ (1969ع)، ‘انسان اور آدمي’ (1970ع)، ‘آشيانا’ (1970ع)، ‘بندگي’ (1972ع)، ‘محبت مر نھين سڪتي’ (1977ع)، ، ‘گمنام’ (1983ع)، ‘قرباني’ (1981ع)، ‘ڪاميابي’ (1984ع)، ‘لاج’، (2003ع)، ‘ڇپن ڇپائي’ (2017ع) ‘پروجيڪٽ غازي’ (2019ع) ۽ ٻيون شامل آهن. 2023ع ۾ نشر ٿيندڙ آخري ڊرامو ‘نه تمهين خبر نه همين خبر’ شامل آهي. ان کانسواءِ قائداعظم محمد علي جناح جي حياتيءَ تي ٺھندڙ فلم ‘جناح’ ۾ هِن اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس فني خدمتن عيوض کيس ڪيئي ايوارڊ ۽ اعزاز ڏنا ويا، جن ۾: حڪومت پاڪستان پاران 1982ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس، نيشنل فلم ايوارڊ (1985ع )، نگار ايوارڊ (1986ع)، انڊس ڊراما ايوارڊ (2005ع)، امانڊا ايوارڊ (2006ع)، لڪس اسٽائل ايوارڊ (2006ع ۽ ستاره امتياز (2021ع) شامل آھن. 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر رخشنده سان سندس شادي ٿي. کيس 2 نياڻيون ۽ ھڪ پٽ جو اولاد ٿيو. ھي نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ (NAPA) ڪراچي سان وابستھ رهيو. ان کان علاوه ڪراچيءَ ۾ پنھنجو پروڊڪش هائوس به قائم ڪيو، جتي نون فنڪارن جي سکيا سان گڏ ڊراما پڻ رڪارڊ ڪيا وڃن ٿا. 26 مئي 2024ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.