طلعت محمود
طلعت محمود: هندستان ۽ پاڪستان جي هن معروف غزل گائيڪ ۽ اداڪار 24 فيبروري 1924ع تي لکنئو، اتر پرديش (گڏيل هندستان) ۾ منظور محمود جي گهر جنم ورتو. سندس خاندان جو موسيقي سان ڪو به تعلق نه هو پر قدرت جي ڏات ۽ موسيقي سان لڳاءُ کيس ’شهنشاهه غزل‘ (لقب) جي مقبوليت تائين پهچائي ڇڏيو. هن ڪلاسيڪل موسيقي جي سکيا تمام ننڍي عمر کان پنڊت ايس.سي. آر ڀٽ کان مئرس ميوزڪ ڪاليج، لکنئو (موجوده ڀٽڪنڊي ميوزڪ انسٽيٽيوٽ) مان وٺڻ شروع ڪئي ۽ (1939ع) ۾ 16 سالن جي مختصر ڄمار ۾ ئي آل انڊيا ريڊيو لکنئو تان داغ دهلوي، مير تقي مير ۽ جگر مراد آبادي جهڙن اعليٰ پايي جي شاعرن جا غزل ڳائڻ لڳو. خوبصورت مڌر آواز ۽ انداز سان هن جلد ئي غزل گائيڪيءَ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي. 1941ع ۾ ايڇ. ايم. وي طرفان سندس پهريون گرامون فون رڪارڊ متعارف ڪرايو ويو، جنهن ۾ هن ’سب دن ايڪ سمان نهين تها، بن جاونگا ڪيا سي ڪيا مين اسکا تو دهيان نهين ٿا‘ غزل وسيلي گهڻي مقبوليت ماڻي. غزل گائيڪي جو فن سندس مقامي شهر لکنو تائين محدود نه رهيو بلڪه تنهن وقت فلمي دنيا طور مشهور ڪلڪتي شهر ۾ پڻ سندس هاڪ ٿيڻ لڳي ۽ سندس ڀيٽ مشهور۽ مڃيل ڳائڻن: استاد برڪت علي خان، ڪي.ايل سهگل، ايم.اي رئوف، محمد رفيع. سندس پهرين فلم ’شڪست‘ هئي جنهن ۾ سندس ڳايل گيت سپنون سهاني ۽ ٻي فلم ’چاندي‘ هئي، جنهن جو گيت ”لاگي توسي نينا“ مشهور ٿيو. پر سڀ کان مقبول گيت ”تصوير تيري دل ميرا بهلا نه سڪي گي“ هو. جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، پوءِ سئنيما لاءِ ڳايل سندس سوين گانا مقبول ٿيا، جن مان هيٺيان يادگارگيتن ۾ شامل آهن: (1) هم سي آيا نه گيا (فلم:ديک ڪبيرا رويا-1957ع)، (2) جائين تو جائين ڪهان( فلم: ٽئڪسي ڊرائيور-1954ع)، (3) تصوير بناتا هون، تصوير نهين بنتي (فلم: برادري-1955ع)، (4) دل نادان تجهي هئا ڪيا هي (مرزا غالب جي شاعر/ثريا سان دوگاني طور ڳايل-1954ع)، (5) اتنا نه مجهه سي تو پيار بڙها (فلم: ڇايا، لتامنگيشڪر سان دوگانو-1961ع)، (6) سيني مين سلگتي هين ارمان (فلم: ترانا، لتامنگيشڪر سان دوگانو 1951)، (7) آنسو سمجهه ڪي ڪيون مجهي (فلم: ڇايا-1961ع) ، (8) آها رم جهم ڪي يي پياري پياري گيت لي (لتامنگيشڪر سان دوگانو-1960ع)، (9) شام غم ڪي قسم (فلم: فٽ پاٿ-1953ع)، (10) جلتي هين جس ڪي ليي(فلم: سجاتا-1959ع)، (11) ميري ياد مين تم نه (فلم: مدهوش-1951ع)، (12) ڦر وهي شام وهي غم( فلم: جهان آراء-1964ع)، (13) اي ميري دل ڪهين اورچل (فلم: داغ (1952ع)، (14) زندگي ديني والي سن (فلم: دل نادان-1953ع)، (15) اشڪون ني جو پايا هي (فلم: چاندي ڪي ديوار،ٻول: ساحر لڌيانوي:1964ع)، (16) بي چين نظر بيتاب جگر(فلم: ياسمين-1955ع)، (17) رات ني ڪيا ڪيا خواب دکهائي(فلم: ايڪ گائون ڪي ڪهاني-1957ع)، (18) چل ديا ڪاروان، لٽ گئي هم يهان (فلم: ليليٰ مجنون)، (19) هوڪي مجبور مجهي اس ني جهلايا هوگا (فلم: حقيقت)، (20) اي دل مجهي ايسي جگه لي چل (فلم: آرزو-1949ع)، (21) ملتي هي آنکهين دل هوا ديوانا (فلم: بابل-1950ع) ۽ (22) هم درد ڪي مارون ڪا (فلم: داغ-1952ع). گائيڪيءَ سان گڏ هن اداڪاري ۾ پڻ نالو ڪمايو. سندس مختلف ڪردارن تي مبني هندي فلمن ۾؛ راج لڪشمي (1945ع)، تم اور مين (1947ع)، سماپتي (1949ع)، آرام (1951ع)، ٺوڪر (1953ع)، دل نادان (1953ع)، ڊاڪ بابو(1954ع)، وارث (1954ع)، رفتار (1955ع، ديوالي ڪي رات (1956ع)، ايڪ گائون ڪي ڪهاني (1957ع)، لاله رخ (1958ع)، مالڪ (1958ع) ۽ سوني ڪي چڙيا (1958ع) مشهور ٿيون. مگر جلد اداڪاري ڇڏي واپس گلوڪاري طرف موٽي آيو. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ هندي سئنيما ۾ طلعت محمود، محمد رفيع ۽ مڪيش ٽمورتي طور سڃاتا ويندا هئا. هن 1940ع کان 1980ع تائين (چئن ڏهاڪن) ۾ 800 کان وڌيڪ گيت، غزل، نيم ڪلاسيڪل گيت ڳائي تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. سندس ڳايل ڪلام اڄ به سي ڊيز جي صورت ۾ موجود آهن ۽ نهايت چاهه سان ٻڌا ويندا آهن. سندس سي ڊين جا ٽي البم رليز ٿيل آهن. (1) Golden Collection of Talat Husain، (2) Talat mahmood in sentimental mood ۽ (3) Evergreen Hits of Talat Mahmood طلعت محمود سيمي ڪلاسيڪل غزل، ماڌرن نان ڪلاسيڪل غزل جو بنياد رکندڙ هو. هن جي ڳائڻ جي انداز جو اثر مهدي حسن ۽ جگجيت سنگهه ئي ٿيو. طلعت محمود پنهنجي وقت جي ٻين ڳائڻن ڪي. ايل سهگل، محمد رفيع، احمد راشدي، مهدي حسن، منادي، استاد امانت علي خان، ڪشور ڪمار، استاد بڙي غلام علي خان ۽ مڪيش جي قطار جو ڳائڻو هو. اهو صرف سندس آواز جو ڪرشمو هو جيڪو کيس خدا طرفان نعمت طور عطا ٿيل هو. جن ميوزڪ ڊائريڪٽرن طلعت محمود سان گڏ ڪم انهن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڳائيندو هو تڏهن سازندن کي به پنهنجي راڳ جي روح ۾ غرق ڪري ڇڏيندو. دل چوندين هين ته طلعت ڳائيندو رهي ۽ اسان وڄائيندا رهون.
موجوده دور ۾ پاڪستاني گلوڪار سجاد علي، طلعت محمود جي انداز کي نئين سر جيئاريو آهي. هن، تپن ڪمار جي فرضي نالي سان ڪيترائي بنگالي گيت ڳائي بنگالين ۾ پڻ هڪ جيتري مقبوليت ماڻي. هن جي شادي هڪ بنگالي عيسائي عورت سان ٿي جيڪا فلمن ۾ ڪم ڪندي هئي، پوءِ مسلمان ٿي نسرين جي نالي سان مشهور ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ خالد ۽ ڌيءَ صبينا ڄاوا. هن گلوڪار ۽ غزل جي بادشاهه 9 مئي 1998ع تي 74 سالن جي ڄمار ۾ ممبئي (هندستان) ۾ وفات ڪئي.
1924.02.24 عيسوي
طلعت محمود 24 فيبروري 1924ع تي لکنئو، اتر پرديش (گڏيل هندستان) ۾ منظور محمود جي گهر جنم ورتو.
1998.05.09 عيسوي
طلعت محمود 9 مئي 1998ع تي 74 سالن جي ڄمار ۾ ممبئي (هندستان) ۾ وفات ڪئي.