طهارت (پاڪائي): طهارت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى پاڪائي، صفائي ۽ سٿرائي آهي. اسلام پاڪائيءَ تي تمام گھڻو زور ڏنو آهي ۽ تصوف ۾ ان جي مختلف پهلوئن تي باقاعدي بحث ڪيو ويو آهي. ايمان آڻڻ کانپوءِ سڀ کان اول جيڪا شيءِ انسان تي فرض ٿي، اها آهي نماز پڙهڻ لاءِ طهارت. طهارت جو مطلب آهي بدن کي پليتي ۽ جنابت (تڙ پوڻ جي حالت) کان پاڪ ڪرڻ ۽ مٿي تي مک ڪرڻ. پاڻي نه هجڻ يا مرض هئڻ جي صورت ۾ تيمم ڪرڻ. طهارت کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ جسم جي طهارت، ٻيو دل جي طهارت. ڪتاب ’ڪشف المحجوب‘ ۾ آهي ته جهڙيءَ ريت جسماني پاڪائيءَ کانسواءِ نماز درست نه ٿي ٿئي، تهڙيءَ ريت دل جي صفائيءَ کان بغير حق جي معرفت درست نه ٿي ٿئي ۽ جيئن بدن جي پاڪائيءَ لاءِ پاڪ ۽ صاف پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي، تيئن وري دل جي صفائيءَ لاءِ توحيد الاهي تي سچو عقيدو هئڻ ضروري آهي. صوفي هميشه ٻنهي پاڪاين جو خيال رکندڙ هوندو آهي. حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن هڪ اصحابيءَ کي فرمايو: تون هميشه وضوءَ سان رهه ته تنهنجا ٻئي محافظ فرشتا توکي دوست رکن. الله تعالى فرمائي ٿو ته: الله تعالى توبهه ڪندڙن ۽ چڱيءَ ريت پاڪ صاف رهندڙن سان محبت ڪري ٿو. پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص ظاهري طرح پاڪ صاف رهي ٿو، ان کي فرشتا دوست رکن ٿا ۽ جيڪو شخص باطني (دل جي) پاڪائيءَ سان رهي ٿو ته ان سان خود الله پاڪ محبت رکي ٿو. ظاهري طهارت باطني طهارت جي موافق هجڻ گھرجي. يعني جڏهن هٿ ڌوتو وڃي ته دل کي به دنيا جي محبت کان ڌوتو وڃي. اهڙيءَ طرح باطن کي غير جي محبت کان نجات کي ڳوليو وڃي.
حضرت بايزيد بسطاني کان روايت آهي ته منهنجي دل ۾ جڏهن به دنيا جو خيال ايندو آهي ته مان وضو ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ جڏهن آخرت جو خيال ايندو اٿم ته غسل ڪندو آهيان. ڇو ته دنيا حادث آهي، ان جو خيال به حدث (وضو ٽٽڻ) هوندو آهي ۽ عقبى آخرت آرام جو محل آهي، ان ڪري ان جو خيال به جنابت يعني حڪمي ناپاڪي آهي، جنهن لاءِ تڙ ڪرڻ واجب آهي. اسلام ۾ طهارت کي اڌ ايمان قرار ڏنو ويو آهي. طهارت (پاڪائي) پاڻيءَ سان ڪئي وڃي ٿي ۽ تيمم ان کي چئجي ٿو، جڏهن پاڻي موجود نه هجي يا ڪنهن مرض سبب پاڻيءَ جي جاءِ تي تيمم ڪيو وڃي. طهارت جي باري ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جون گھڻيون ئي حديثون روايت ٿيل آهن، مثال طور حضرت ابو هريره کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته جڏهن ڪو مومن يا مسلمان وضو ڪرڻ وقت منهن تي پاڻيءَ جي لپ وجھي ٿو ته سندس منهن جا سڄا گناهه ڌوپي وڃن ٿا، جيڪي ان پنهنجي اکين سان ڏسي ڪيا آهن. پاڻيءَ سان هٿ ڌوئيندو آهي ته هٿ سان ڪيل سمورا گناهه پاڻيءَ جي آخري قطري وهڻ تائين ڌوپي وڃن ٿا. جڏهن اهو پير ڌوئي ٿو ته پاڻيءَ جي آخري قطري سان گڏ پيرن سان ڪيل سمورا گناهه ڌوپي وڃن ٿا، تان جو وضوءَ ڪرڻ سان ٻانهو سمورن گناهن کان پاڪ ٿي وڃي ٿو. حضرت ثوبان رضه کان روايت آهي ته، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته بهترين عمل نماز آهي ۽ (نماز لاءِ) مومن ئي وضوءَ کي مڪمل طريقي سان ڪري ٿو. حضرت جابر رضه حديث بيان ڪئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته نماز جنت جي ڪنجي آهي. مطلب ته طهارت کي اسلام ۾ تمام وڏي اهميت ڏني وئي آهي. فقه ۾ ظاهري طهارت جو ذڪر آهي، ليڪن اسلامي تصوف ۽ عام اسلامي فڪر ۾ جتي ظاهري طهارت يعني جسم ۽ لباس جي پاڪائيءَ تي زور ڏنو ويو آهي، اتي باطني طهارت يعني دل ۽ روح ۾ يڪسوئيءَ سان توحيد الاهي جي جلوي کي به لازم ٻڌايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اسلامي نظريي ۾ عملن جو دارومدار نيت تي آهي ۽ نيت جو تعلق دل ۽ روح سان آهي.