طور سورت

طور (سورت): طور قرآن مجيد جي ٻاونجاهين سورت آهي. هن ۾ ٻہ رڪوع ۽ اڻونجاھہ آيتون آهن. هي سورت مڪي شريف ۾ ان وقت نازل ٿي، جڏهن حضور ڪريم صلي عليہ وسلم جن تي الزامن ۽ اعتراضن جو وسڪارو هلي رهيو هو. هن سورت ۾ طور جبل جو ذڪر آيو آهي، جنهن جي نسبت حضرت موسى عليہ السلام سان آهي. ان ڪري هن سورت جو نالو طور پئجي ويو. سورت جي شروعات ۾ ٻڌا يو ويو آهي تہ: جهڙيءَ ريت حضرت موسى عليہ السلام تي طور جبل مٿان وحي لاٿي وئي هئي ۽ ان جي مخالفت ڪندڙن جو جيڪو حشر ٿيو هو، جيڪڏهن قريش ڪافر بہ انهن وانگر حضور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي مخالفت ڪرڻ کان نہ مڙيا تہ انهن جو حشر بہ تباهي ۽ بربادي هوندو ۽ پاڻ ڪريمن صلي عليہ وسلم جن کي هدايت ڪئي وئي تہ حق جي مخالفن جي پرواھہ ڪرڻ کانسواءِ پنھنجي دعوت ماڻهن تائين پهچائيندا رهن، آخري آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ تڪليفن ۽ بندشن جو صبر ۽ استقلال سان مقابلو ڪندا هلندا رهو، ايستائين جو تعالى جو فيصلو نہ اچي ۽ ان () توهان کي اڪيلو نہ ڇڏيو آهي، بلڪہ لڳاتار توهان جي نگهباني ڪري رهيو آهي، جيستائين فيصلي جي گهڙي نہ اچي تيستائين سڀ ڪجهہ سهندا ۽ هلندا رهو. هيءَ ئي اها ڳالھہ آهي جا اهڙين حالتن ۾ دين جي ڪم ڪندڙ کي درڪار هوندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو