
طور
طور: هن لفظ جي لغوي معنيٰ سرسبز جبل جي آهي. قرآن مجيد ۾ جنهن طورسينا جو ذڪر آهي ۽ جيڪو حضرت موسيٰ تي خدا جي تجليءَ جي ڪري مسلمانن، عيسائين ۽ يهودين ۾ مشھور آهي. هن ئي مقام تي حضرت عيسيٰ پنھنجي حوارين تي ظاهر ٿيو. صليبي جنگين جي زماني ۾ هن جبل جي چوٽيءَ تي هڪ قلعو هو جنهن تي صلاح الدين قبضو ڪيو هو ۽ جنهن کي الملڪ العادل 608ھہ/1211ع ۾ نئين سر تعمير ڪرايو. صليبين 614ھہ/1217ع هن قلعي تي قبضي ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا. جبل طور يا جبل موسيٰ انهيءَ ڪري مشھور آهي جو ان جاءِ تي حضرت موسيٰ کي خداوند عالم پنھنجي تجليءَ جو جلوو ڏيکاريو، جيڪو حضرت موسيٰ ڏسي نہ سگهيو ۽ بيهوش ٿي ويو.