
طوطو
طوطو: سڄي دنيا ۾ پنهنجن سهڻن رنگن ۽ خاصيتن ڪري مشھور آهي. طوطي جو سائنسي نالو Psittacines، انگريزي ٻولي ۾ هن پکيءَ کي Parrot چيو ويندو آهي. عام طور سان هي پکي ’مٺو‘ جي نالي سان بہ سڏجي ٿو. سڄي دنيا ۾ تقريباً طوطي جا 372 قسم آهن، جن مان 86 تمام گهڻا عام آهن ۽ تقريباً مڙني گرم ملڪن / علائقن ۾ نظر اچن ٿا. جنس جي حوالي سان هيءُ پکي ٽن قسمن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ (True Parrots) The Psittacoidea-(2) (Cockatoos) The Cacatuoidea) ۽ (3) (Newzealand Parrots) The Strigopoidea شامل آهن. طوطي جي جسماني بناوٽ / بيهڪ تمام خوبصورت ٿئي ٿي. طوطن جو جسماني انداز عمودي، گولائي دار (وريل) سنهڙي چهنب، ننڍيون پر مضبوط ڄنگهون، ڊگها ۽ رنگين کنڀ ۽ پير جي چنبي جون آڱريون، هڪٻئي سان جڙيل هونديون آهن. طوطن جي خوراڪ ۾ ٻج، ٻوٽا، ميوو، ساوا مرچ ۽ خشڪ ميوو شامل آهي. جڏهن تہ ڪجهہ جهنگلي طوطا گوشت بہ کائيندا آهن، ان کان سواءِ Loriinae گلن جي رس ۽ نرم ميوي کي شوق سان کائيندا آهن. هيءُ پکي پنهنجا آکيرا گهڻو ڪري وڻن ۾ ٺهيل سوراخن اندر ٺاهيندا آهن. طوطن گهاٽن جهنگلن ۾ رهندو آهي، پر سڄي دنيا ۾ اڪثر ماڻهو، پنھنجي گهر جي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ رنگ برنگي طوطن کي پڃرن ۾ قيد ڪري رکندا آهن. طوطي جي ناياب جنسن ۾: Macaws, Conures, Lovebirds, African Grey, Cockatoos, Amazon, Caiques, Eclectus, Budgerigas, Cockatiels, Poicephalus, Parakeets, Pionus & Poicephalus گهڻا مشھور آهن. آسٽريليا، ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ-اوڀر، ايشيا، فرانس، نيوڪئليڊونيا، سولومون ٻيٽ، فِجي ۽ ٻين گرم ۽ تيز گرم علائقن ۾ مٿيون جنسون عام جام ملن ٿيون. ساڳين جنسن کي سندن مزاج، شورو هل، ڳالهائڻ جي خاصيت ۽ ڀاڪر پائڻ جي عادتن سبب گهرن ۾ قيد ڪندا آهن. ڪجهہ وڏن قسم جي طوطن جھڙوڪ: Cockatoos, Amazon ۽ Macaws جي عمر 80 کان 100 سال يا ان کان وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ننڍن طوطن ۾ Love Birds, Hanging Parrots ۽ Budgies جي زندگي 15 کان 20 سال (گهٽ وڌ) هوندي آهي. پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ سائي رنگ ۽ ڳاڙهي چهنب وارا طوطا گهڻي تعداد ۾ نظر اچن ٿا. ان کان سواءِ ڪيترائي ماڻهو شوق خاطر گهڻ رنگي طوطن کي بہ گهرن ۾ پالين ٿا. طوطو پنھنجي ڳالهائڻ واري خوبي وسيلي ٻڌل لفظ کي پنھنجي مخصوص آواز ۽ انداز ۾ ورجائيندو آهي. لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن ۾ بہ ڪٿي ڪٿي ٻين ڏند ڪٿائي پکين سان گڏ طوطي جي قدامت جو ذڪر ملي ٿو، جنهن مطابق ديو جو ساھہ، ڪوھہِ ڪاف جي جبلن جي اونهائي ۾ رکيل طوطي جي اندر هوندو آهي ۽ ان طوطي کي ڳولهي ۽ ان جي منڍي مروڙڻ سان ديو جي زندگي ۽ شيطاني طاقت جو انت ٿيندو آهي. معاشي حوالي سان پڻ سڄي دنيا ۾ طوطن جو واپار هلندڙ آهي، جنهن جي نشاندهي وولف گينگ ڊي گراهل (Wolfgang de Grahl) 1987ع ۾ ڇپايل ڪتاب “The Grey Parrot” ۾ ڪندي لکيو آهي تہ: ڪجهہ واپاري طوطن کي آبي جهازن وسيلي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ دوران ڪافي پياريندا آهن، سندن خيال آهي تہ ڪافي سان طوطن جي عملن سان سندن حياتي ۾ اضافو ٿيندو، پر سائنسي تجربن سان اها ڳالھہ واضح ٿي چڪي آهي تہ ڪافي ۾ موجود ڪيفين (Cafferine) جي گهڻي ماترا، طوطن لاءِ زهر جو اثر رکي ٿي. ادب ۾ طوطي جو ذڪر اصطلاح ۽ محاورن طور ڪيو ويندو آهي. مثال طور: طوطي کي حق و ﷲ ياد نہ رهڻ (معنيٰ: پاڻ کي ٻڏائڻ، پنھنجي تعريف پاڻ ڪرڻ) ۽ اصطلاح، طوطا چشم (معنيٰ: بي مروت ۽ بي وفا) وُيره، سنڌيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ ”ظالم طوطي کي نہ مار، طوطي جو پر نہ پٽ“ مشھور آهي.