طيباڻي والي ڏنو فقير

طيباڻي، والي ڏنو فقير: مشھور عالم ۽ شاعر فقير واليڏنو 32-1231ھہ/ 16-1715ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. سندس والد الھورايو پڻ عالم ۽ فقيراڻي طبيعت وارو هو. سندس وڏو ڏاڏو طيب، فقير علويءَ جو همعصر هو، جنهن جي نسبت سان طيباڻي سڏجن ٿا. والي ڏني عربي ۽ فارسي جي تعليم شڪارپور جي عالمن کان حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ذهانت سبب 14 سالن جي عمر ۾ فارسي ۽ عربيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد علم جفر ۽ علم نجوم پڙهڻ لڳو. والد جي وفات بعد زمين جي سار سنڀال جو بار پڻ مٿس پيو. زمينداري سنڀالڻ سان گڏ ٺيڪيداريءَ جو ڪم پڻ ڪندو هو. شڪارپور جي ڪيترن ئي واهن جي کوٽائي جا ٺيڪا پڻ کنيائين. ڪشمور بند، جهلو بند ۽ نور بند بہ سندس ٻڌايل آهن. هن محنت سان پنھنجي زمينداري ۾ واڌ آندي. پاڻ طريقت ۾ خواجہ نظام الدين سرهنديءَ جو مريد هو. مرشد سان کيس گهڻو لڳاءُ هوندو هو. شاعري جي شروعات تعليم جي حاصلات واري وقت کان ڪئي. شاعري ۾ ”فقير“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. ڪجهہ شعر سنڌي ۽ سرائڪي ۾ بہ لکيا هئائين پر سندس اڪثر شاعري فارسيءَ ۾ ملي ٿي. سندس سنڌي شاعري غزل، ڪافي ۽ بيت جي صنفن تي مشتمل آهي. ڪافين ۾ سنڌي لوڪ قصن کي ڳايو اٿس. فارسي ۾ سندس هڪ مثنوي ”ظفر دين“ مشھور آهي، جنهن ۾ اسلامي تبليغ تي بحث ٿيل آهي. علم جفر تي بہ هڪ رسالو لکيو هئائين، جيڪو وقت جي دز ۾ وڃائجي ويو آهي. هن آخري وقت ۾ گوشي نشيني واري زندگي گذاريندي 75 سالن جي عمر ۾ 23 ربيع الاول 1307ھہ/17 نومبر 1889ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو