طھارت (پاڪائي): طھارت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى پاڪائي، صفائي ۽ سٿرائي آهي. اسلام پاڪائيءَ تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي ۽ تصوف ۾ ان جي مختلف پهلوئن تي باقاعدي بحث ڪيو ويو آهي. ايمان آڻڻ کانپوءِ سڀ کان اول جيڪا شيءِ انسان تي فرض ٿي، اها آهي نماز پڙهڻ لاءِ طھارت. طھارت جو مطلب آهي بدن کي پليتي ۽ جنابت (تڙ پوڻ جي حالت) کان پاڪ ڪرڻ ۽ مٿي تي مک ڪرڻ. پاڻي نہ هجڻ يا مرض هئڻ جي صورت ۾ تيمم ڪرڻ. طھارت کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ جسم جي طهارت، ٻيو دل جي طھارت. ڪتاب ’ڪشف المحجوب‘ ۾ آهي تہ جهڙيءَ ريت جسماني پاڪائيءَ کانسواءِ نماز درست نہ ٿي ٿئي، تهڙيءَ ريت دل جي صفائيءَ کان بغير حق جي معرفت درست نہ ٿي ٿئي ۽ جيئن بدن جي پاڪائيءَ لاءِ پاڪ ۽ صاف پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي، تيئن وري دل جي صفائيءَ لاءِ توحيد الاهي تي سچو عقيدو هئڻ ضروري آهي. صوفي هميشہ ٻنهي پاڪاين جو خيال رکندڙ هوندو آهي. حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جن هڪ اصحابيءَ کي فرمايو: تون هميشہ وضوءَ سان رھہ تہ تنھنجا ٻئي محافظ فرشتا توکي دوست رکن. ﷲ تعالى فرمائي ٿو تہ: ﷲ تعالى توبھہ ڪندڙن ۽ چڱيءَ ريت پاڪ صاف رهندڙن سان محبت ڪري ٿو. پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص ظاهري طرح پاڪ صاف رهي ٿو، ان کي فرشتا دوست رکن ٿا ۽ جيڪو شخص باطني (دل جي) پاڪائيءَ سان رهي ٿو تہ ان سان خود ﷲ پاڪ محبت رکي ٿو. ظاهري طھارت باطني طھارت جي موافق هجڻ گهرجي. يعني جڏهن هٿ ڌوتو وڃي تہ دل کي بہ دنيا جي محبت کان ڌوتو وڃي. اهڙيءَ طرح باطن کي غير جي محبت کان نجات کي ڳوليو وڃي.
حضرت بايزيد بسطاني کان روايت آهي تہ منهنجي دل ۾ جڏهن بہ دنيا جو خيال ايندو آهي تہ مان وضو ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ جڏهن آخرت جو خيال ايندو اٿم تہ غسل ڪندو آهيان. ڇو تہ دنيا حادث آهي، ان جو خيال بہ حدث (وضو ٽٽڻ) هوندو آهي ۽ عقبى آخرت آرام جو محل آهي، ان ڪري ان جو خيال بہ جنابت يعني حڪمي ناپاڪي آهي، جنهن لاءِ تڙ ڪرڻ واجب آهي. اسلام ۾ طھارت کي اڌ ايمان قرار ڏنو ويو آهي. طھارت (پاڪائي) پاڻيءَ سان ڪئي وڃي ٿي ۽ تيمم ان کي چئجي ٿو، جڏهن پاڻي موجود نہ هجي يا ڪنهن مرض سبب پاڻيءَ جي جاءِ تي تيمم ڪيو وڃي. طھارت جي باري ۾ حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جن جون گهڻيون ئي حديثون روايت ٿيل آهن، مثال طور حضرت ابو هريره کان روايت آهي تہ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جن فرمايو تہ جڏهن ڪو مومن يا مسلمان وضو ڪرڻ وقت منهن تي پاڻيءَ جي لپ وجهي ٿو تہ سندس منهن جا سڄا گناھہ ڌوپي وڃن ٿا، جيڪي ان پنھنجي اکين سان ڏسي ڪيا آهن. پاڻيءَ سان هٿ ڌوئيندو آهي تہ هٿ سان ڪيل سمورا گناھہ پاڻيءَ جي آخري قطري وهڻ تائين ڌوپي وڃن ٿا. جڏهن اهو پير ڌوئي ٿو تہ پاڻيءَ جي آخري قطري سان گڏ پيرن سان ڪيل سمورا گناھہ ڌوپي وڃن ٿا، تان جو وضوءَ ڪرڻ سان ٻانهو سمورن گناهن کان پاڪ ٿي وڃي ٿو. حضرت ثوبان رضہ کان روايت آهي ته، پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جن فرمايو تہ بھترين عمل نماز آهي ۽ (نماز لاءِ) مومن ئي وضوءَ کي مڪمل طريقي سان ڪري ٿو. حضرت جابر رضہ حديث بيان ڪئي تہ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جن فرمايو تہ نماز جنت جي ڪنجي آهي. مطلب تہ طھارت کي اسلام ۾ تمام وڏي اهميت ڏني وئي آهي. فقہ ۾ ظاهري طھارت جو ذڪر آهي، ليڪن اسلامي تصوف ۽ عام اسلامي فڪر ۾ جتي ظاهري طھارت يعني جسم ۽ لباس جي پاڪائيءَ تي زور ڏنو ويو آهي، اتي باطني طھارت يعني دل ۽ روح ۾ يڪسوئيءَ سان توحيد الاهي جي جلوي کي بہ لازم ٻڌايو ويو آهي. ڇاڪاڻ تہ اسلامي نظريي ۾ عملن جو دارومدار نيت تي آهي ۽ نيت جو تعلق دل ۽ روح سان آهي.