ظرافت: هن لفظ جي سنڌي ٻولي ۾ معنيٰ هوشياري، ڏاهپ، دانائي، خوش طبعي، خوش مزاجي، مزاح ۽ چرچي ڀوڳ طور ورتي وڃي ٿي. جڏهن ته هي لفظ عربي ٻوليءَ مان ورتل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وسعت سبب اصطلاحن ۽ پهاڪن جي تاريخ ۾ خوش طبعي سمايل آهي. پهاڪا ٻوليءَ جو پراڻو سرمايو آهن. پهاڪي ۾ مزاح سان گڏ دانائي پڻ واضح هوندي آهي. ڪنهن به خراب ماڻهوءَ کي ادبي لفظن ۾ چٽو ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ سمجهاڻي پڻ هوندي آهي. پهاڪن جي شروعاتي دؤر جي خبر نه ٿي پوي، پر دانائن جا جوڙيل پهاڪا ڪنهن ماڻهو ۽ ان جي اوڻاين جي چٽي عڪاسي ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهڻي عزت ڏيڻ جي باوجود سمجهي نه سگهي ته اهڙي ماڻهو کي ’ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان‘ چوڻ، ان جي عقل کي بيان ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ اچي، ڪو ڪم ڪندو آهي ۽ ان جا نتيجا چڱا نه نڪرندا آهن ته اهڙي ماڻهو لاءِ چئبو آهي ته “تڪڙي ڪُتي انڌا گلر ڄڻي”، جڏهن ته ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا ٽڪر کائي، هيرايل گلر هٿ ۾ ڏاڙهي، ڪُتي ڪن وڍايا، چڪر کي لتر پڄي، کٽيو کائي فقير لٺيون جهلي ڀولڙو، ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا، هڻ ڌيءَ کي ته سکي ننهن، گهوٽ چريو ڄڃ وائڙي، نڪا گهٽتائي گهوٽ ۾ نڪي ڪمي ڪنوار ۾، انڌي هنگي ٻه سيڙائي جهڙن پهاڪن ۾ وڏي دانائي سمايل آهي، جيڪي مقصد بيان ڪندڙ آهن ۽ گڏوگڏ کلائيندڙ پڻ آهن. اها سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ اصطلاحن جي معنوي گهرائي سان گڏ دانائي جي سوچ جي گهرائي به آهي، جيڪي ڳالهه جي ذري پرزي کي سمجهڻ کانپوءِ رمز سان ڳالهائين ٿا، اهي اهڙيون خصوصيتون آهن، جو جڏهن لِڪ ۾ ڳالهائين ٿا يا سڌا سنوان پار ڏيڻ سان گڏ انوکن اشارن ۽ استعارن سان پيش ڪن ٿا. مثال طور: ‘مڙس جو دُن ته ڏسو ڄڻ دڙي تي کوهي!’ اها هڪ شيءَ جي وصف آهي، ‘مڙس کلي ٿو ته ٻوڙ ٿو هاري!‘ اها هڪ فعل جي وصف آهي، ‘هٿان شڪار ويو ۽ ڏُڌل ٻڪري جهڙو ٻوٿ ڪري ويهي رهيو!’ اها هڪ نفسياتي ڪيفيت جي وصف آهي ۽ ‘مڙس جي هلندي گهڻي آهي، پر پڄندي ڪو نه اٿس!’ اها هڪ شخصيت جي وصف آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ سنڌ جي سياڻن جي سوچ جي گهرائي، سنڌي ظرافت جا ٿنڀا آهن. اُن جي اڏاوت زندگي جي اوڻاين تي آهي، جن ۾ سماجي ۽ معاشي ڪوتاهيون، ڪمن ۾ ڪڌايون ۽ شخصن جي عادتن جون ڪچايون اچي وڃن ٿيون. زندگيءَ جي اوڻاين کان پردي کڻڻ لاءِ سماج کي دانائن جي ضرورت پوي ٿي. گهڻو اڳ به اهي دانا موجود هئا، جن سماجي ڪچاين تي پهاڪا ٺاهيا. انهن مان وتايو فقير پڻ اهم آهن، جيڪو عوامي فيلسوف هو. وتائي فقير زندگي جي اوڻاين کي اعليٰ سطح کان ڏٺو ۽ انهن تان پردو پڻ کنيو. وتائي فقير هڪ دفعي رپئي کي ڏسي چيائين ته ’توکي الله چوڻ واجب ناهي پر ڪم الله کان اڳ ٿو ڪرين!‘ هڪ دفعي وتائي جي ڳوٺ کي باهه لڳي، سندس گهر ۾ ڪجهه به ڪو نه هو، سواءِ هڪ رِلي جي، سو پاڻ رِلي ڪلهي تي کڻي دڙي تي وڃي چڙهيو ۽ چيائين ته ’ڪڏهن ڪڏهن سچائي به ڪم ايندي آهي.‘ وتائي جي ڳوٺ مان چوري ٿي وئي، ماڻهو چور جا پير ڳولڻ لڳا ۽ وتايو وڃي قبرستان تي ويٺو. ماڻهن پڇيس اتي ڇا ٿو ڪرين؟ تڏهن چيائين ته ‘اڳ جهليو ويٺو آهيان، چور نيٺ ايندو قبرستان ۾.’ ظرافت جا مختلف روپ آهن. ظرافت کي سانگ يا ڊرامي جي صورت ۾ پڻ پيش ڪندا آهن. ٻيا مسخرا به آهن، جيڪي سڌي ريت لفظن ۾ موقعي جي مناسبت سان چئي ڏيندا آهن. آڳاٽي دور ۾ سماجي معاشي ڪوتاهين ۽ اخلاقي براين کان پردو کڻڻ لاءِ ڪي ساڃاهه وند ماڻهو اداڪار جو روپ ڌاري، ويس مٽائي سانگ وجهندا هئا، ۽ ان سانگ يا ڊرامي ذريعي ڳوٺ جي وڏيرن، پٽيلن يا ڏوهاري قسم جي سگهارن ماڻهن جي اڍنگي هلت کي وائکو ڪندا هئا، عورتن جي سٿ ۾ ڪي عورتون به سانگ وجهنديون هيون. سانگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منڊلين جو رواج پيو پر فلمن ۽ ٽي. وي چينلن جي اچڻ کانپوءِ منڊلين ۽ سانگ وجهڻ جو رواج نه رهيو آهي.
ظرافت جو ٻيو روپ مسخرا پيش ڪندا هئا. سنڌ ۾ مسخرن جو پنهنجو مقام آهي. مسخرا ڏاڍا ذهين ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي نقلن، نظيرن، اهلن ۽ چٻارن ذريعي مڪار قسم جي ماڻهن کي وائکو ڪري انهن جي ڪڌاين تان پردو کڻندا آهن. ڪن واقعن جو مزاحيه انداز ۾ نقشو بيان ڪندا آهن. اُن قسم جا ماڻهو يا مسخرا ظاهري طور ته کلائيندڙ آهن، پر حقيقت ۾ سماجي براين ۾ گهيريل ماڻهن کي ٽوڪيندا آهن. سنڌ ۾ مسخرا آڳاٽي وقت کان موجود هئا، پر انهن جي تاريخ نه لکجڻ سبب انهن جو ڪٿي به ذڪر نه ٿو ملي. هن وقت مسخرن واري هلندڙ دؤر جو باني اڱڻ فقير مسخرو آهي، جيڪو ميرن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي، پر سندس زندگيءَ جا حالات نه ٿا ملن. ان کانپوءِ وارو مسخرن جو دؤر ڀليڏني ۽ لونگ فقير وارو دؤر سڏجي ٿو، جيڪو مزاح جو ٻيو دؤر ڪوٺيو وڃي ٿو. ڀليڏنو فقير ابڙو اُتر ۾ کنڊو، تعلقي وارهه جو ۽ لونگ فقير خاصخيلي لاڙ ۾ ٻيراڻي، تعلقي شهدادپور جو هو. ڀليڏنو فقير، پٺاڻڪي مسخري يعني پٺاڻن جي ٻولي ۽ راڳ جي اهل جو ڪاريگر هو. لونگ فقير چرچن ۽ اهلن ۾ ماهر هو. مسخري ۾ ٽيون دؤر ڀليڏني فقير ۽ لونگ فقير جي شاگردن وارو دؤر سڏجي ٿو. ڀليڏني فقير جي شاگردن مان شادي چانڊيو دادو، واڌُل فقير ميهڙ ۽ ڏوڪري، مٽر فقير ابڙو (ڀليڏني جو پٽ)، ڪوڙو فقير ڪلهوڙو، وارهه، پريو بروهي، ميهڙ، پريو لاڙڪ، سکر، بچو مهاڻو، ٽلٽي ۽ لونگ فقير جي شاگردن مان محمد لليجو ٽنڊو آدم، الهڏنو مهاڻو، ماتلي، محمد ماستر حيدرآبادي مشهور هئا. محمد ماستر مسخري سبب ماستري ڇڏي ۽ چرچن جون محفلون ڪندو هو. مسخري ۾ چوٿون دؤر ڀليڏني ۽ لونگ فقير جي شاگردن جي شاگردن وارو دؤر آهي، انهي دؤر ۾ ڀليڏني جي سلسلي مان مَن ٺارو شاهي ۽ لونگ فقير جي سلسلي مان دائود ميمڻ ڀانن وارو اهم هئا. ان کانسواءِ ڀليڏني جي سلسلي جا مَن فقير ڪيريو، ڇتو ڪوري، عيدو ڪوري، امام بخش ٿهيم، ڪوڙو فقير ڪلهوڙو، پلال لورو، ماڻڪ جت، ڪرڙ مسخرو، صدورو ٻٻر ۽ لونگ فقير جي سلسلي مان دائود ميمڻ کانسواءِ حاجي کوسو ڏندي وارو، الله بخش ٽالپر، پنهون خاصخيلي، محمد پلهه شامل هئا. دائود ميمڻ ريل گاڏي ۾ چڙهي ماڻهن کي کلائيندو ۽ داد حاصل ڪندو هو.
مسخرن جو پنجون دؤر پاڪستان جي قيام کان ڪجهه اڳ وارو آهي، جنهن ۾ مَن ٺارو شاهه واري جا شاگرد نورو مسخرو ۽ اسماعيل شيدي برک هئا، انهن کانسواءِ ڏتو موچي، جمعون ٿهيم، بچو ٿهيم، الاهي بخش خاصخيلي، چئنچل واڻيو ۽ علي مراد ميمڻ ڳڻجن ٿا. مسخرن جو ڇهون دؤر پاڪستان جي قيام کانپوءِ وارو دؤر ڳڻجي ٿو. جنهن جو اڳواڻ محمد فقير لغاري عرف محمد پاڪستاني آهي. هن دؤر ۾ خميسو حجم جوهي، مرزا مسخرو خيرپور وارو، عرض محمد راڄپر هالاڻي وارو، سليمان ڏيٿو ڀان وارو، پريو جوڻيجو قنبر وارو ۽ کنجو زرداري نوابشاهه وارو مقبول هئا. هن دؤر ۾ محمد فقير لغاري عرف محمد پاڪستاني جي هاڪ هئي. کيس سنڌ جي گورنر دين محمد سرٽيفڪيٽ ڏنو ۽ زمين ڏيڻ جي سفارش ڪئي. ٽالپرن جي دؤر ۾ درٻاري مسخرا رکڻ بدران ملڪ جي عام مسخرن جي همت افزائي ڪئي وئي. مير سٺا چرچا ڪندڙ مسخرن کي انعام ڏيندا هئا. ميرن جي دؤر ۾ سومر شڪاري مشهور مسخرو هو، جيڪو ميرن کي شڪار ڪرائيندو هو، هو مير جبار خان جو خاص مسخرو هو، پاڪستان جي قيام بعد گل پٽ آچر مير بحر محرابپور وارو، جهالار ماڇي بدين وارو، سومار پنهور حيدرآباد وارو، سومار واڍو ملاڪاتيار وارو، حيات مري قاضي احمد وارو، آڏيو ڀاڻوجو سنجهوري وارو، هاشم ڪنڀر گپچاڻي وارو، قادر بخش مڱڻهار ٺٽي وارو، قادو شيدي ماتلي وارو وقت به وقت مسخري ۾ پاڻ ملهائيندا رهيا آهن. مضمون نگارن به سنڌي ظرافت جي سرمايي کي صحت مند بڻائڻ ۾ پاڻ موکيو آهي.