
ظفر علي لغاري
ظفر علي لغاري: مشھور سياستدان حاجي ظفر علي لغاري ولد پريل خان لغاري سيتا روڊ تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو .پرائمري تعليم سيتا روڊ مان حاصل ڪئي. پوءِ انگريزي ۾ داخلا ورتي ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هن سياست جي شروعات پيپلزپارٽي ۾ شموليت سان ڪئي. پيپلزپارٽي ضلعي دادوءَ جو صدر رهيو .حاجي ظفر علي لغاري صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر بہ رهي چڪو آهي. ان کان علاوہ صوبائي ۽ وفاقي وزير ريلوي بہ رهيو .هن سيتا ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. 2013ع کان سياست کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪئي. جڏهن تہ سندس پٽ عمران ظفر علي هن وقت سندس جاءِ تہ سياست ۾ متحرڪ آهي. حاجي ظفر لغاريءَ پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو. 1983ع ۾ 1986ع جي ايم .آر .ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي جيل بہ ويو. حاجي ظفر علي لغاري ڀُٽي صاحب جو شيدائي هو ۽ بينظير صاحبہ جو بہ مٿس اعتماد ۽ ڀروسو هو.ظفر علي لغاري 4 جون 2021ع تي وفات ڪئي.