ظفر لغاري

ظفر لغاري

ظفر لغاري

ظفر لغاري: ڪهاڻيڪار ظفر ولد منظور حسين لغاري 15 مئي 1970ع تي شھر موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. انٽر سائنس 1988ع ۾ مهراڻ ڪاليج موري مان پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان ايم. ايس. سي 1997ع ۾ پاس ڪيائين. هن وقت درس و تدريس جي پيشي سان واڳيل آهي ۽ موري شھر ۾ هڪ خانگي اسڪول هلائي رهيو آهي. ظفر لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي، سندس پهرين ڪهاڻي ’جر ۾ سپون جيئن‘ عبرت مئگزين ۾ 1995ع ۾ شايع ٿي. انکانپوءِ هن جو 19 ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ’ڀونءَ مان نڪتل ماڻهو‘ 2000ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد مان شايع ٿيو.


لفظ ظفر لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.05.15  عيسوي

ظفر ولد منظور حسين لغاري 15 مئي 1970ع تي شهر موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام عباس ڀنڀرو
علي گوهر خان مھر اول
غازي غلام حسين شاھہ سائل
احمد فقير سمو
رنوير سنگهه
جمعو شيدي 2
ڀٽو مشتاق علي خان
ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ
رحيم خان کوسو
قاضي اياز مهيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون