ظل الرحمان سيد، حڪيم: يوناني طب جو ماهر ۽ ناميارو حڪيم ظل الرحمان سيد 01 جولاءِ 1940ع تي هندستاني رياست ڀوپال (موجودہ مڌيه پرديش) ۾ هڪ عالم ۽ حڪمت واري گهراڻي ۾ ڄائو.. سندس ڏاڏو حڪيم سيد ڪرم حسين، پيءُ حڪيم سيد فضل الرحمان ۽ چاچو حڪيم سيد عتيق القادر پنھنجي وقت جا مشھور يوناني طبيب ٿي گذريا آهن. هن پنھنجي ابتدائي تعليم دارالعلوم ندوةالعلماء، لکنئو مان ۽ گريجوئيشن طبيه ڪاليج، عليڳڙھہ مان ڪئي. جنهن بعد عملي زندگي جو آغاز 1961ع کان اجمل خان طبيه ڪاليج (عليڳڙھہ مسلم يونيورسٽي سان الحاقيل)۾ بحيثيت استاد ۽ پوءِ جامعہ طبيه، دهلي ۾ بطور ليڪچرر مقرر ٿيڻ سان ڪئي. جتي پوءِ 1973ع ۾ ريڊر ۽ 1983ع ۾ پروفيسرجي عهدي تي فائز ٿيو. بعد ۾ ارڙنهن سالن تائين علم الادويه شعبي جو چيئرمين ۽ فيڪلٽي آف يوناني مئڊيسن، علي ڳڙھہ مسلم يونيورسٽي، عليڳڙھہ جو ڊين رهيو. طبي تاريخ تي سندس تمام گهڻو ڪم ڪيل آهي، جنهن ۾ خاص ڪري وچئين دور جون دوائون (Medieval medicine) ۽ اسلام جي وچئين دور ۾ دواسازي وغيرہ اهم موضوع آهن. ان کانسواءِ عربي ۽ فارسي جي قديم قلمي نسخن۾ يوناني دوائن جي ذڪر متعلق تحقيق ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.طب جي حوالي سان سندس لکيل اهم ڪتابن ۾: دور جديد اور طب، تاريخ علم تشريح، علم الامراض، رساله جوديه، تجديد طب، بياض وحيدي، مطب مرتعش، تذڪره خاندان عزيزي، ڪتاب المرڪيات، صفوي عھد ۾ علم تشريح ڪا مطالعه، حيات ڪرم حسين (حڪيم)، عليڳڙھہ ڪي طبي مخطوطات،قانون ابن سينا اور اس ڪي شار حين و مترجمين (فارسي ترجمي سان گڏ)، رساله نابيدھہ،طب فيروز شاهي، دلَي اور طب يوناني، الادويه القلبيه، عران نامه، طبي تقدم،آئينه تاريخ طب، اسماءَالادويه، مقالات شفاءَ الملڪ، حڪيم اجمل خان، (سوانح عمري)، تذڪره اتباع عصر، ميزان حرف ۽ سفرنامه بنگلاديش وغيرہ شامل آهن. هن طبي تعليمي ادارن جي قيام ۾ بہ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سندس ذاتي ڪوششن سان علم الادويه شعبو، اجمل خان طبيه ڪاليج ۽ عليڳڙھہ مسلم يونيورسٽي ۾ يوناني طب جو سينٽر آف ائڪسيلينس قائم ٿيو . ان کان علاوہ انهن شعبن ۾ موجود تحقيقي ليبارٽرين کي سندس رهنمائي ۽ سرپرستي ۾ جديد سهولتن سان آراستہ ڪيو ويو. بينا پاره، اعظم ڳڙھہ ۾ سينا طبيه ڪاليج جو قيام بہ سندس ئي ڪاوشن جو نتيجو هو. 1960ع ۾ هن پنھنجي ذاتي لائبريري ۽ عجائب گهر قائم ڪيو، جنهن کي 1960ع ۾ شفاءالملڪ حڪيم عبداللطيف ميمورريل ڪاميٽي سان منسلڪ ڪيو ويو. بعد ۾ ابن سينا اڪيڊمي آف مئڊيول مئڊيسن ائنڊ سائنسز جي قيام کانپوءِ 2000ع ۾ اها لائبريري ۽ عجائب گهر مذڪوره اڪيڊمي جو حصو بڻجي ويا. ان لائبريري ۾ طب تي مشتمل لڳ ڀڳ ويھہ هزار ڪتاب، پنج سئو قلمي نسخا ۽ لاتعداد رساله، اخبارون، تحقيقي جريده شامل آهن. کيس 1997ع ۾ همدرد يونيورسٽي، ڪراچي ۾ وزيٽنگ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽2013ع ۾ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽر آف ليٽرس جي اعزازي ڊگري سان نوازيو ويو.ان کانسواءِ طب جي دنيا ۾ ڪيل خدمتن عيوض کيس هندستان ۽ پاڪستان طرفان جن اهم اوارڊن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو، انهن ۾: اتر پرديش حڪومت، لکنئو طرفان آيرو ويدڪ ائنڊ طبي اڪيڊمي اوارڊ (1968ع)، اترپرديش حڪومت، لکنئو طرفان 1974ع، 1978ع 1993ع ۽ 1998ع ۾ اردو اڪيڊمي اوارڊ، هندستاني سرڪار پاران 2006ع ۾ پدم شري اوارڊ، مولانا آزاد نيشنل اوارڊ 2009ع، آل انڊيا يوناني طبي ڪانگريس طرفان ابن سينا اوارڊ 2009ع، امتياز مير اوارڊ 1997ع، پنجاب طبيه ڪاليج، جهنگ، پاڪستان، اجمل طبيه ڪاليج، راولپنڊي، اي-آر ميموريل طبيه ڪاليج، لاهور طرفان 1997ع،2004ع ۽2008ع ۾ مڃتا اوارڊ ۽ اعظم طبيه ڪاليج، حيدرآباد(سنڌ) طرفان 2004ع ۾ مڃتا اوارڊ وغيرہ قابل ذڪر آهن. همدرد فائونڊيشن، همدرد يونيورسٽي، ڪراچي طرفان حڪيم سعيد ميموريل ليڪچر جي سلسلي هيٺ ڪرايل سندس ليڪچر پڻ اهميت جوڳا آهن.
1940.07.01 عيسوي
حڪيم ظل الرحمان سيد 01 جولاءِ 1940ع تي هندستاني رياست ڀوپال (موجوده مڌيه پرديش) ۾ هڪ عالم ۽ حڪمت واري گهراڻي ۾ ڄائو.