ظهور احمد
ظهور احمد (يڪتاري نواز): مشهور يڪتاري نواز ظهور احمد 1945ع ڌاري اوڪاڙا ضلعي ساهيوال جي سرائيڪي علائقي ۾ ڄائو. سندس وڏا هارپو ڪندا هئا. هن 5 سالن جي عمر کان ڳائڻ شروع ڪيو. هن 13 سالن جي عمر ۾ گهر ڇڏي پوري پاڪستان جي درگاهن جي حاضري ڏيڻ شروع ڪئي. هن سنڌ پنجاب ۽ ڪشمير جي درگاهن جي حاضري ڀري ۽ اُچ جي بخاري صوفين جو مريد ٿيو. اهو ڪجهه عرصو هن پٽيالا گهراڻي جي استاد سائين رونق علي کان موسيقي جي تعليم ورتي، جيڪو کيس بابا بلهي شاهه جي درگاهه تي مليو. اهو صوفي گائڪي ۾ سندن پهريون استاد هو. ظهور يڪتاري ۽ چپڙي تي وڏي مهارت رکي ٿو. پيرن ۾ گهنگهرو وجهي نچي ڳائيندو آهي. پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل آهي. کيس لطيف سرڪار، بلهي شاهه، محمد بخش ۽ ٻين جو ڪلام برزبان ياد اٿس هن جي يڪتاري ۾ ٽي تارون لڳل آهن. اڪثر ڪري پهراڻ پاتل، ڪارو پٽڪو ٻڌل ۽ پيرن ۾ گهنگهرو هوندا اٿس. هن سڄي عمر درگاهن تي حاضري ڏيندي گذاري آهي. 1989ع ۾ پهريون ڀيرو کيس آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ۾ پنهنجي فن کي پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهن کانپوءِ ريڊيو ۽ ٽي وي وارن رڪارڊ ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ هن کي جنرل پرويز مشرف صدر پاڪستان جي آڏو مظاهري ڪرڻ جو موقعو مليو. تنهن کان پوءِ هن برطانيا، آئر لينڊ، ڪيناڊا، ناروي، جاپان ۽ هندستان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. 2006ع ۾ هي بي. بي. سي ميوزڪ اوارڊ جو حقدار ڄاڻايو ويو. تازو هڪ نجي ڪمپنيءَ وارن کيس فلم ’خدا ڪي لئي‘ ۾ ڪجهه گيت ۽ الاپ رڪارڊ ڪرڻ لاءِ چونڊيو. هن کي گهڻي مقبوليت پرائيويٽ اداري ’ڪوڪ‘ تي ڳائڻ سان ملي. سندس مشهور ڪلامن ۾ (1) تمبا (ڪوڪ اسٽوڊيو)، (2) نچنا پئيندا اي، (3) تيري عشق نچايا، (4) الاهو (ڪوڪ اسٽوڊيو)، (5) ربا هو (ڪوڪ اسٽوڊيو)، (6) الف الله نو، (7) دنيا چلو چل دا ميلا، (8) مائي ني مين ڪنون آکان، (9) لڳي بنا وغيره. هن ڪن فلمن لاءِ ڳايو آهي. ’ويسٽ از ويسٽ‘ ۽ ’مرزيا‘ مشهور آهن. سندس فن جو سفر جاري آهي. تنهن کانسواءِ جديد پاپ ميوزڪ جي سنگم سان هن جا ڪجهه صوفي ڪلام ٽي ويءَ تي رڪارڊ ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ هن عابده پروين ۽ صنم ماروي سان گڏ ڳايو آهي.