ظهور گاهه امامين: شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ’تحفة الطاهرين‘ ۾ امامن سڳورن جي ظهور گاهه جو احوال هن ريت ڏنو آهي ته: هڪ ٻڪرار هميشه وانگر روزانو ٻڪرين جو ڌڻ مڪليءَ جي ٽڪري تي چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هو ۽ ايندي ايندي انهيءَ جاءِ تي جتي ’ظهور گاهه امامين‘ هئي، ان وٽان پيو لنگهندو هو، پر سندس ٻڪريون جڏهن انهيءَ پاڪ جاءِ وٽ پهچنديون هيون ته ٽاهه کائي اتان پاسو ڪري لنگهنديون هيون. ٻڪرار کي انهيءَ ڳالهه حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ هو ان راز کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڏٺائين ته هڪ خدا جو ٻانهو ان جاءِ تي دعا لاءِ هٿ کنيو بيٺو آهي ۽ امامن سڳورن جي روح مبارڪ جي وسيلي سان الله تعاليٰ جي حضور ۾ مطلب پوري ٿيڻ جو سوال پيو ڪري ۽ جڏهن اهو ماڻهو دعا کان واندو ٿيو ته ٻڪرار ان جي دامن ۾ هٿ وجهي چيو ته: خدا جا نيڪ ٻانها، سچ ٻڌاءِ هن جاءِ ۾ ڪهڙو اسرار آهي جو ان ڪري منهنجي ٻڪرين کي به خوف، خطرو ٿئي ٿو؟ ان تي ان خدا جي ٻانهي چيو ته هي جاءِ پاڪن ۽ الله جي ڀلارن جي آهي ۽ گستاخي سان هتان نه لنگهه ۽ پاسي سان ويندو ڪر.
روايت آهي ته مخدوم اسحاق هالا ڪنڊي جي رهاڪو جا ٻه پٽ مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد ٻئي ڄام نندي جي دور حڪومت ۾ ٺٽي ۾ آيا ۽ مڪلي جي ٽڪري تان اچي رهيا هئا ته جنهن وقت انهيءَ ’جلوه گاهه امامين‘ وٽ پهتا ته پير اگهاڙا ڪري ادب سان اتي ٻه رڪعتون نماز پڙهي دعا گهريائون، ان کان پوءِ سندن هڪ خادم ان جاءِ بابت پڇيو ته پاڻ فرمايائون: ته هي جاءِ اها آهي، جنهن جو رتبو عرش کان به مٿي آهي، هي جاءِ امامن جي جلوه گاهه آهي.
ان کان پوءِ هڪ دفعي حقيقت ۽ معرفت جو صاحب ملوڪ شاهه ان واٽ کان اچي لنگهيو ته انهن نورن جي نور جي تجلي ڏٺائين ۽ سجدي ۾ ڪري پيو سندس پيشاني نور ۽ روشني واري ٿي پئي، ان ڪري ان پاڪ جاءِ جي چوڌاري ٻهاري ڏئي، پٿر گڏ ڪري، حد ۽ نشان مقرر ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ نواب سيف الله پنهنجي دور حڪومت ۾ جلوه گاهه جو فرش ٻڌايو ۽ پڪي چوديواري ڏياري هئي ۽ ان کان پوءِ صاحبزاده خداداد خان عباسي ان جاءِ تي گنبذ جوڙايو هو. هي جاءِ مڪلي جي ٽڪري تي آهي، جنهن کي ظهور گاهه امامين يا جلوه گاهه امامين جي نالي سان سڏجي ٿو.