ظهور احمد

ظهور احمد

ظھور احمد

ظھور احمد (يڪتاري نواز): مشھور يڪتاري نواز ظھور احمد 1945ع ڌاري اوڪاڙا ضلعي ساهيوال جي سرائيڪي علائقي ۾ ڄائو. سندس وڏا هارپو ڪندا هئا. هن 5 سالن جي عمر کان ڳائڻ شروع ڪيو. هن 13 سالن جي عمر ۾ گهر ڇڏي پوري پاڪستان جي درگاهن جي حاضري ڏيڻ شروع ڪئي. هن سنڌ پنجاب ۽ ڪشمير جي درگاهن جي حاضري ڀري ۽ اُچ جي بخاري صوفين جو مريد ٿيو. اهو ڪجهہ عرصو هن پٽيالا گهراڻي جي استاد سائين رونق علي کان موسيقي جي تعليم ورتي، جيڪو کيس بابا بلهي شاھہ جي درگاھہ تي مليو. اهو صوفي گائڪي ۾ سندن پهريون استاد هو. ظھور يڪتاري ۽ چپڙي تي وڏي مهارت رکي ٿو. پيرن ۾ گهنگهرو وجهي نچي ڳائيندو آهي. پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل آهي. کيس لطيف سرڪار، بلهي شاھہ، محمد بخش ۽ ٻين جو ڪلام برزبان ياد اٿس هن جي يڪتاري ۾ ٽي تارون لڳل آهن. اڪثر ڪري پهراڻ پاتل، ڪارو پٽڪو ٻڌل ۽ پيرن ۾ گهنگهرو هوندا اٿس. هن سڄي عمر درگاهن تي حاضري ڏيندي گذاري آهي. 1989ع ۾ پهريون ڀيرو کيس آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ۾ پنھنجي فن کي پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهن کانپوءِ ريڊيو ۽ ٽي وي وارن رڪارڊ ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ هن کي جنرل پرويز مشرف صدر پاڪستان جي آڏو مظاهري ڪرڻ جو موقعو مليو. تنهن کان پوءِ هن برطانيا، آئر لينڊ، ڪيناڊا، ناروي، جاپان ۽ هندستان ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. 2006ع ۾ هي بي. بي. سي ميوزڪ اوارڊ جو حقدار ڄاڻايو ويو. تازو هڪ نجي ڪمپنيءَ وارن کيس فلم ’خدا ڪي لئي‘ ۾ ڪجهہ گيت ۽ الاپ رڪارڊ ڪرڻ لاءِ چونڊيو. هن کي گهڻي مقبوليت پرائيويٽ اداري ’ڪوڪ‘ تي ڳائڻ سان ملي. سندس مشھور ڪلامن ۾ (1) تمبا (ڪوڪ اسٽوڊيو)، (2) نچنا پئيندا اي، (3) تيري عشق نچايا، (4) الاهو (ڪوڪ اسٽوڊيو)، (5) ربا هو (ڪوڪ اسٽوڊيو)، (6) الف نو، (7) دنيا چلو چل دا ميلا، (8) مائي ني مين ڪنون آکان، (9) لڳي بنا وغيرہ. هن ڪن فلمن لاءِ ڳايو آهي. ’ويسٽ از ويسٽ‘ ۽ ’مرزيا‘ مشھور آهن. سندس فن جو سفر جاري آهي. تنهن کانسواءِ جديد پاپ ميوزڪ جي سنگم سان هن جا ڪجهہ صوفي ڪلام ٽي ويءَ تي رڪارڊ ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ هن عابدہ پروين ۽ صنم ماروي سان گڏ ڳايو آهي.


لفظ ظھور احمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو