
ظهور خان (ڀوپنگ نواز)
ظھور خان (ڀوپنگ نواز): ظھور خان پنجن سالن جي عمر کان الور ۾ بائسڪوپ جي اڳيان سينيما جي شوقينن لاءِ پنهنجو سادڙو ساز ڀوپنگ وڄائي وندرائيندو رهندو هو. سندس اهو ساز اڄڪلھہ راجستان جي لوڪ سنگيت جي جان آهي. عرصي کان گداگر اهو ساز ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڄائي خيرات وٺندا رهيا. پر ڪنهن توجھہ نہ ڏنو، ظھور خان نہ رڳو هن ساز کي دنيا سان روشناس ڪرائي داد حاصل ڪيو، پر ٻين ڪيترن ئي پوئتي پيل يا وسريل سازن ۾ نئون روح ڦوڪيو. اهي مڙئي ساز اصل ۾ ميواتي ثقافت جا اهم جز هئا.
ڀوپنگ، سڪل ڪدو جي خالي کوکي کي تري وٽان ڪٽي، ان جي مٿان ٻڪري جي خشڪ کل چاڙهي ٺاهيو ويندو آهي. ان ۾ وڄڻ واريون تندون يا رودا بہ ٻڪري جي آنڊن مان جڙندا آهن. جيڪي مرڪز وٽ مستحڪم يا قابو هوندا آهن. تارن کي آڱر سان ڇيڙڻ وقت جاجڪ انهن کي ڇڪي ڍرو ڪرڻ سان آوازي رنگيني يا تنوع پيدا ڪندو آهي. هن ساز جو بنياد شومهاراج ڏانهن منسوب ”ڊمرو“ کي سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري وڄوت ۽ ان جي قبيلي وارا مسلمان هوندي بہ پاڻ کي شو جا جوڳي ڪوٺرائين. هو پنھنجي ساڌنا ۾ شو کي ارپيل راڳ سان ڪندو آهي. ظھور خان هندستان فلمي صنعت جي مشھور اداڪار دليپ ڪمار جو احسانمند آهي. جنهن هن کي الور جي سنهڙين گهٽين مان ڪڍي ممبئي جي عاليشان نگار خانن تائين پھچايو. هڪ ڏينهن هو New Taj سينيما وٽ ڀوپنگ جي وڄت ۾ محو هو، جو دليپ ڪمار پنھنجي ڪنهن فلم جي شوٽنگ جي سلسلي سان الور مان لنگهندي هن کي ٻڌو ۽ کيس ان هوٽل تي جتي سندس جٿي جا ٻيا اداڪار وغيرہ بہ ترسيل هئا. اتي وٺي وڃي ٻڌو،سڀ متاثر ٿيا ۽ هن کي فلمن جي پس پردہ ميوزڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آڇ ڪيائون. اهڙي ريت 18 سالن جي عمر ۾ هي هندي فلمن جي گوشائتي موسيقي ڏيڻ وارن ۾ شامل ٿيو. سندس پيشڪاري ماڻهن کي پسند آئي.هن پوءِ گنگا، جمنا، نيا دور، سن آف انڊيا وغيرہ. جهڙين فلمن جي پس منظر موسيقي ۾ حصو ورتو ۽ ڪيترن ئي مزاحيہ گانن سان نويڪلو مظاهرو بہ ڪيو. ان کانسواءِ هي يوسف نالي قوال جي طائفي سان 22 سال رهيو ۽ ان دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيائين. موسيقي ۾ سندس حصيداري ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جي ڪري کيس ’راجستان سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي اوارڊ‘ بہ مليو ڪيترائي شھر ڏٺائين دنيا جا ڪيئي ملڪ بہ گهميو، پر ڪکن جي ڇڪ کيس پنھنجي ڳوٺ ”سنگسکا“ وٺي آئي ۽ ويهين صدي جي نوي واري ڏهاڪي ۾ الور واپس آيو. هن پنهنجو فن پنھنجي ٻن پٽن ۽ نوجوان نسل تائين پهچائي ڀوپنگ کي نئين ولولي سان سازن جي سٿ ۾ عزت ڏياري. سندس فرزند عمر فاروق Rhythm Of Mewat نالي فنڪارن جي گروپ جو سربراھہ آهي. سندس فرزند جو چوڻ آهي تہ هو پنھنجي وڏن جي ڪرت سان نڀائيندي ان کي پنھنجي اولاد تائين منتقل ڪندو. معياري سنگيت بابت ماڻهن جي گهٽجندڙ دلچسپي سبب موسيقارن لاءِ اهو سلسلو جاري رکڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گهڻا ٻين ڌنڌن ۾ مشغول ٿي ويا آهن.ميوات جا ڪافي عوامي ثقافتي ساز جھڙوڪ جوڳي سارنگ، الغوزو ڪرتار، بانسري،راوڻ هتيا،ميواتي ڇرڪارو،ميواتي تمڪ وغيرہ ڪامياب آهن. توڙي جو فن جو جاري رکڻ پيٽ گذر لاءِ اڻپورو آهي، پوءِ بہ ظھور خان جو چوڻ آهي تہ هو ساز نوازي ڇڏڻ کان غربت ۾ گهارڻ کي بهتر سمجهي ٿو.
نوان سيکڙاٽ فنڪار جي Rhythm Of Mewat ۾ شامل آهن. سي ظھور خان جي گهر جي اونداهي اڱڻ تي رياض ڪندا رهن ٿا ۽ ظھور خان سندن وچ ۾ ڪٽنب ڇٽ جي حيثيت ويهي کين لوڪ فن کي مناسب مقام ڏيارڻ تائين ڪوشش جاري رکڻ لاءِ همٿائيندو رهندو آهي. (ڪتاب: ڏيهي پرڏيهي ساز)