ظھور گاھہ امامين: شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ’تحفة الطاهرين‘ ۾ امامن سڳورن جي ظھور گاھہ جو احوال هن ريت ڏنو آهي تہ: هڪ ٻڪرار هميشہ وانگر روزانو ٻڪرين جو ڌڻ مڪليءَ جي ٽڪري تي چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هو ۽ ايندي ايندي انهيءَ جاءِ تي جتي ’ظھور گاھہ امامين‘ هئي، ان وٽان پيو لنگهندو هو، پر سندس ٻڪريون جڏهن انهيءَ پاڪ جاءِ وٽ پهچنديون هيون تہ ٽاھہ کائي اتان پاسو ڪري لنگهنديون هيون. ٻڪرار کي انهيءَ ڳالھہ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ هو ان راز کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڏٺائين تہ هڪ خدا جو ٻانهو ان جاءِ تي دعا لاءِ هٿ کنيو بيٺو آهي ۽ امامن سڳورن جي روح مبارڪ جي وسيلي سان ﷲ تعاليٰ جي حضور ۾ مطلب پوري ٿيڻ جو سوال پيو ڪري ۽ جڏهن اهو ماڻهو دعا کان واندو ٿيو تہ ٻڪرار ان جي دامن ۾ هٿ وجهي چيو تہ: خدا جا نيڪ ٻانها، سچ ٻڌاءِ هن جاءِ ۾ ڪهڙو اسرار آهي جو ان ڪري منهنجي ٻڪرين کي بہ خوف، خطرو ٿئي ٿو؟ ان تي ان خدا جي ٻانهي چيو تہ هي جاءِ پاڪن ۽ ﷲ جي ڀلارن جي آهي ۽ گستاخي سان هتان نہ لنگهہ ۽ پاسي سان ويندو ڪر.
روايت آهي تہ مخدوم اسحاق هالا ڪنڊي جي رهاڪو جا ٻہ پٽ مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد ٻئي ڄام نندي جي دور حڪومت ۾ ٺٽي ۾ آيا ۽ مڪلي جي ٽڪري تان اچي رهيا هئا تہ جنهن وقت انهيءَ ’جلوہ گاھہ امامين‘ وٽ پهتا تہ پير اگهاڙا ڪري ادب سان اتي ٻہ رڪعتون نماز پڙهي دعا گهريائون، ان کان پوءِ سندن هڪ خادم ان جاءِ بابت پڇيو تہ پاڻ فرمايائون: تہ هي جاءِ اها آهي، جنهن جو رتبو عرش کان بہ مٿي آهي، هي جاءِ امامن جي جلوہ گاھہ آهي.
ان کان پوءِ هڪ دفعي حقيقت ۽ معرفت جو صاحب ملوڪ شاھہ ان واٽ کان اچي لنگهيو تہ انهن نورن جي نور جي تجلي ڏٺائين ۽ سجدي ۾ ڪري پيو سندس پيشاني نور ۽ روشني واري ٿي پئي، ان ڪري ان پاڪ جاءِ جي چوڌاري ٻهاري ڏئي، پٿر گڏ ڪري، حد ۽ نشان مقرر ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ نواب سيف ﷲ پنھنجي دور حڪومت ۾ جلوہ گاھہ جو فرش ٻڌايو ۽ پڪي چوديواري ڏياري هئي ۽ ان کان پوءِ صاحبزاده خداداد خان عباسي ان جاءِ تي گنبذ جوڙايو هو. هي جاءِ مڪلي جي ٽڪري تي آهي، جنهن کي ظھور گاھہ امامين يا جلوہ گاھہ امامين جي نالي سان سڏجي ٿو.