ظھيرالدين بکري: مولانا ظھيرالدين بکري اصل بکر جو رهاڪو هو. پنھنجي وقت ۾ مذهبي علم جو ڀنڊار هو. علم حديث ۾ بہ ڪامل هو. پوءِ بکر ڇڏي دهلي هليو ويو، جتي وڃي مدرسو قائم ڪيائين. سندس شاگردن ۾ علامہ شمس الدين يحيٰ، غلام صدرالدين ۽ نظام الدين اولياءَ جو وڏو خليفو خواجہ محمود چراغ دهلوي شامل هئا. پاڻ غياث الدين بلبن جو خاص درٻاري ليکيو ويندو هو. پاڻ ستين هجريءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي. سندس قبر دهليءَ ۾ آهي.