ظھير احمد

ظھير احمد (شخصيت): اردو جو هيءُ نامور صحافي حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري کان ويندي اعليٰ تعليم بہ حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪيائين. 1969ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ صحافت جي پيشي سان سلهاڙجي ويو. 1972ع کان 1980ع تائين ’زندگي‘ ۽ ساڳئي سلسلي جي ٻن هفت روزہ رسالن ۾ سياسي تحريرن ذريعي نالو ڪڍيائين. هن ملڪ گير شھرت رکندڙ سياسي منظرن ۽ پيش منظرن تي نهايت بيباڪي ۽ جرائت سان لکيو، جنهن ڪري سندس لکڻين کي نهايت دلچسپي سان پڙهيو ويندو هو. مئي 1982ع تائين ’جسارت‘ اخبار جي نمائندگي ڪيائين ۽ 1983ع ۾ جنگ گروپ جي پليٽفارم تان سڄي سنڌ جو واقع نگار مقرر ٿيو. 1985ع ۾ افغانستان ۾ جهاد واري صورتحال جي رپورٽنگ لاءِ افغانستان جو دورو ڪيائين کيس 21 آگسٽ 1986ع ۾ ’سفي نامہ افغانستان‘ جي لاءِ پهرين گورنر جرنلسٽس اوارڊ جو حقدار قرار ڏنو ويو. بعد ۾ 1987ع ۾ انهي ساڳئي رپورٽ تي اسلام آباد ۾ قائم انساني حقن جي تنظيم طرفان انعام ڏنو ويو. ظھير احمد جي شايع ٿيل تصنيفن ۾: سوال جواب (1975ع)، ڀٽو راج ڪي آخري دن (1977ع)، هماري منتخب نمائندي(1979ع)، ليڊر اور ليڊري(1982ع)، اب بھي زندہ هين(1983ع)، ايڪ صحافي ڪي ياداشتين (1984ع)، 1984ع ڪي اهم انٽرويو اور ڪاي خاڪي(1985ع)، ساقي تيري پئماني سي(1985ع)، پيپلز پارٽي اور ڪنفيڊريشن (1986ع)، سنڌ ۾ قوم پرستي ڪي نئين اور پراني رجحانات (1987ع) ۽ ايڪ جاسوس ڪي ڪهاني (1987ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو