عائشہ صديقه رضي ﷲ عنها: مؤمنن جي ماءُ حضرت بي بي عائشہ صديقه رضہ حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ ابنِ ابو قحافه جي نياڻي ۽ حضور نبي ڪريم صہ جن جي گهرواري هئي. بي بي سڳوري نبوت جي پنجين سال (هجرت کان نو سال اڳ 614ع تي) مڪي ۾ ڄائي. سندس والدہ جو نالو ام رومان رضہ هو. والد سڳوري جي طرفان سندس نسبت جو سلسلو ستين پيڙهيءَ ۾ ۽ والدہ جي طرفان يارهين پيڙهي ۾ رسول صہ جن سان وڃي ملي ٿو. پاڻ ڪريمن صہ جن ان جي ڪنيت سندس ڀاڻيجي عبدالله ابن زبير رضہ جي نالي سان ام عبدالله رکي، جنهن کي حضرت عائشہ رضہ پٽ ڪري نپايو هو. حضرت بي بي خديجہ رضہ جهڙي وفادار ۽ قابل گهر واريءَ جي رحلت کانپوءِ پاڻ ڪريم صہ جن غمگين رهڻ لڳا تہ اصحابن سڳورن کي بہ سندن باري ۾ فڪر ٿيو. تان جو حضرت عثمان بن مطعون رضہ جي گهرواري خوله بنتِ ڪليم رضہ پاڻ ڪريمن صہ جن جي خدمت ۾ سوده بنت رمعه رضه، جيڪا ٻٽيهن سالن جي خاتون هئي ۽ حبشه جي مهاجرن ۾ شامل هئي ۽ سندس ور سڪران بن عمرو جو مڪي کان واپس ايندي انتقال ٿي چڪو هو ۽ عائشہ بنت ابو بڪر صديق رضہ جا نالا شاديءَ لاءِ پيش ڪيا. پاڻ ڪريمن صہ جن انهيءَ صلاح تي متفق ٿيا. پاڻ ڪريمن صہ جن سان حضرت عائشہ رضہ جو نڪاح نبوت جي ڏهين سال ٿيو. مھر جي رقم پنج سؤ درهم مقرر ٿي ۽ رخصتي هجرت کان ڪجهہ مهينا پوءِ شوال سن 1 هجري/ اپريل 623ع تي مديني شريف ۾ نهايت سادگيءَ سان ٿي. ان وقت حضرت عائشہ رضہ جي عمر 8 سال هئي. (ڪن سيرت نگارن رخصتيءَ وقت سندس عمر 15 سالن جي لڳ ڀڳ لکي آهي.) رخصتيءَ کانپوءِ حضرت عائشہ رضہ مسجد نبويءَ جي چؤگرد ٺهيل حجرن مان هڪ حجري ۾ رهي. حضرت عائشہ رضہ پنھنجي پوري حياتي انهيءَ حجري ۾ گذاري. جيئن تہ حضرت ابو بڪر صديق رضہ جو گهراڻو سڀ کان پهرين اسلام جي نور سان منور ٿيو ۽ حضرت عائشہ رضہ هڪ مسلمان پيءُ ماءُ جي جهوليءَ ۾ اکيون کوليون ۽ پرورش پاتي، تنهنڪري هوءَ شروع کان ئي نهايت ذهين، عقلمند، ڏاهي، معاملن جي سمجهہ ۽ پروڙ رکندڙ، ڊگهي نظر جي مالڪ ۽ ديني مسئلن جي سمجهہ ۽ شعور ۽ احڪامن جي اجتهاد ۽ استنباط ۾ قابليت رکندي هئي، جنهن سبب پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي محبوب ترين گهرواري ثابت ٿي. حديث شريف جي ڪتابن مان خبر پوي ٿي تہ قرآن جي تفسير، حديث جي علم، فقہ ۽ قياس، عقيدن، دين جي اسراري علم، اسلامي تاريخ، فتوى ۽ ارشاد ۽ خاص طور تي عورتن بابت ديني مسئلن تي جيتري قدر ڄاڻ حضرت عائشہ رضہ جي هئي، ان کان سواءِ ٿورن وڏن اصحابن جو حصو آهي. سن 5 هجري/ 627ع ۾ بنو مصلطق غزوي دوران حضرت عائشہ رضہ پاڻ سڳون صہ جن سان سفر ۾ گڏ هيون. موٽ تي سفر دوران منافقن هٿ ٺوڪيو هڪ ڊرامو ٺاهي حضرت عائشہ رضہ تي بهتان کڙو ڪيو، جنهن تي پاڻ ڪريم صہ ۽ سندن اصحابي سڳورن کي گهڻي ذهني تڪليف پهتي. ان تي قرآن ڪريم جي هڪ عظيم الشان سورت ‘نور’ نازل ٿي، جنهن ۾ حضرت عائشہ رضہ جي بي ڏوھہ هجڻ جي شاهدي خود خدا تعالى ڏني ۽ بي بي سڳوري کي پاڪ صاف قرار ڏنو ۽ منافق ۽ اسلام جا دشمن گهڻا ئي ڦڪا ۽ ذليل خوار ٿيا. پاڻ ڪريم صہ جن جي زندگي مبارڪ زهد، تقوى ۽ قناعت جو اعلى نمونو هئي. دنيا جي زيب، زينت ۽ شان شوڪت جو سندس گهر ۾ ڪو نالو نشان ئي نہ هو. جيتوڻيڪ سندن پاڪ گهر واريون انهن مادي فائدن وٺڻ کان بي پرواھہ هيون، تنهن هوندي بہ بشريت جي تقاضا مطابق ڪڏهن ڪڏهن انهن کي بہ خيال ٿيندو هو تہ کين بہ آرام ۽ آسائش مان ڪو حصو ملڻ گهرجي. خاص طور تي ان وقت جڏهن فتحن جو دائرو وڌڻ سان مسلمانن ۾ خوشحالي جا نشان ظاهر ٿيا تہ حضور پاڪ صہ جي گهر وارين جي طرفان بہ پاڻ ڪريمن صہ کان خرچ پکي جي اضافي جي گُهر ٿيڻ لڳي. انهيءَ گُهر ۾ حضرت عائشہ رضہ بہ ٻين گهروارين سان شامل هئي. جڏهن انهن جي گُهر زور ورتو تہ پاڻ ڪريمن صہ جن هڪ مهيني تائين گهر وارين کان پري اڪيلي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪنهن بہ حجري ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ لڳا. هڪ مهيني گذارڻ کانپوءِ قرآن پاڪ جي آيت تخيسير نازل ٿي، جنهن ۾ پاڻ ڪريمن صہ جي گهر وارين کي ﷲ تعالى طرفان دنيا جي نعمتن ۽ آسائشن يا پاڻ ڪريمن صہ جي رفاقت ۽ آخرت جي زندگي مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو اختيار ڏنو ويو. پاڻ ڪريمن صہ سڀ کان پهرين حضرت بي بي عائشہ رضہ کي قرآني آيت کان آگاھہ ڪيو، جنهن ﷲ تعالى جي انهيءَ حڪم کي ٻڌي چيو تہ مان ﷲ تعالى ۽ ان جي رسول صہ کي اختيار ڪريان ٿي، ان کانپوءِ ٻين بيبين سڳورين بہ اهو ئي جواب ڏنو. پاڻ ڪريم صہ جن وصال کان اڳ ۾ فقط تيرهن ڏينهن بيمار رهيا، جن مان آخري اٺ ڏينهن پاڻ ڪريم صہ جن حضرت عائشہ رضہ جي حجري ۾ گذاريا ۽ ان دوران حضرت بي بي عائشہ رضہ پاڻ ڪريم صہ جي تيمارداري ڪئي ۽ وصال بہ سندس حجري ۾ ٿيو ۽ پاڻ ڪريم صہ کي دفنايو بہ حضرت عائشہ رضہ جي حجري ۾ ويو. پاڻ ڪريم صہ جي وصال وقت بي بي عائشہ رضہ جي عمر 18 سال هئي ۽ کيس ڪو بہ اولاد نہ هو. پاڻ ڪريمن صہ جي وصال کانپوءِ حضرت عائشہ رضہ جو والد
حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ ٻہ سال خليفو رهيو، ان کانپوءِ ڏهن سالن تائين حضرت عمر فاروق رضہ جي خلافت هئي. ليڪن انهن ٻنهي خليفن جي زماني
۾ حضرت عائشہ رضہ ڪڏهن بہ سياسي معاملن ۾ دلچسپي نہ ورتي. ليڪن حضرت عثمان رضہ جي خلافت ڇھن سالن گذرڻ کانپوءِ اختلافن ڪر کنيو تہ مسلمان حضرت بي بي عائشہ رضہ وٽ اچڻ لڳا. ان کانپوءِ حضرت عائشہ رضہ جنهن ريت احتياط سان سياسي معاملن ۾ عمل دخل شروع ڪيو، ان جو ذڪر اسلامي تاريخ ۾ پڻ ملي ٿو. حضرت عائشہ رضہ جي وفات 17 رمضان المبارڪ 58 ھہ/ 13 جولاءِ 678ع تي ٿي. سندس وصيت موجب مديني شريف جي جنة البقيع قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. پاڻ زهد ۽ تقوى جو بھترين نمونو هيون. سنجيدگي، سخاوت، قناعت، عبادت گذاري ۽ انساني همدردي جهڙيون ڪمال درجي جون اعلى وصفون منجهس موجود هيون. اصحابي سڳورن ۾ عمل ۽ فضيلت جي اعتبار کان منفرد مرتبي ۽ اعلى شخصيت جون مالڪ هيون. حضرت عائشہ صديقه رضہ کان ٻہ هزار ٻہ سؤ حديثون روايت ٿيل آهن، جن مان صرف 286 حديثون صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم وغيرہ ۾ آنديون ويون آهي. ان وٽ هڪ قرآن مجيد جو قلمي نسخو بہ موجود هو، جيڪو پاڻ پنھنجي غلام ابو يونس کان لکرايو هئائون. قرات جا ڪجهہ طريقا بہ ان کان روايت ٿيل آهن. تابعين مان وڏن عالمن جي اڪثريت سندس شاگردن ۾ شامل آهي. شعر شاعريءَ سان بہ دلچسپي رکنديون هيون ۽ سندس فصاحت بہ مشھور هئي.