
عابده بيبيءَ جي مزار
عابدہ بيبيءَ جي مزار: بيبي عابدہ عرف مائي ڀمڀي جتڻيءَ جي مزار، ديھہ جرڪس، يونين ڪائونسل جرڪس، جرڪس ڌناڻيءَ جي مقبري لڳ تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ آهي. عابدہ بيبيءَ جي مزار تي پري پري کان ماڻهو باسون باسڻ اچن ٿا. خاص طور تي عورتن جا ميڙ موجود رهن ٿا. اهي راتيون رهي چلا ڪڍن ٿيون. هن بيبيءَ جي باري ۾ معلومات ڪانہ ٿي ملي. توڙي جو گادي نشين هر وقت مزار تي موجود رهي ٿو.