
شهزادي عابده سلطان
عابدہ سلطان، شھزادي: رياست ڀوپال جي شھزادي رياست جي چيف سيڪريٽري ڪابينا جي صدر، چانسلر چيمبر آف پرنسز، اڳوڻي آل انڊيا وومين اسڪوائش چيمپئين، شڪار جي ماهر، ليکڪا ۽ برازيل ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير واليءَ ڀوپال نواب حميدالله خان جي نياڻي، شھزادي عابدہ سلطان 28 آگسٽ 1913ع تي ڀوپال ۾ ڄائي. ورهاڱي کانپوءِ نواب حميدالله تہ ڀوپال ۾ رهيو. پر عابدہ سلطان ۽ سندس والدہ 1950ع ۾ پاڪستان لڏي آيون ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيون. جتي کيس پهريان چليءَ ۾ ۽ پوءِ برازيل ۾ سفير مقرر ڪيو ويو. 1960ع ۾ سندس والد حميدالله خان جي وفات کانپوءِ عابدہ سلطان کي ڀوپال جي حڪمرانيءَ جي دعوت ڏني وئي، پر هن ان پيشڪش کي پنھنجي ڀيڻ جي حق ۾ دست بردار ٿيندي قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي ۽ پاڻ پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏنائين. پاڪستان جو اڳوڻو سيڪريٽري خارجہ ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين شھريار خان سندس پٽ آهي، شھزادي عابدہ سلطان 11 مئي 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڪراچيءَ ۾ آهي.
1913.08.28 عيسوي
شهزادي عابده سلطان 28 آگسٽ 1913ع تي ڀوپال ۾ ڄائي.
2002.05.11 عيسوي
شهزادي عابده سلطان 11 مئي 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.