عاجز اڄڻ
عاجز اڄڻ: مشهور شاعر ’عاجز اڄڻ‘ جو اصل نالو شير محمد ولد جمع خان اڄڻ آهي. سندس جنم 2 مارچ 1947ع تي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ۽ سنڌي فائنل گورنمينٽ پرائمري اسڪول فضل ڀنڀرو مان. مئٽرڪ 1966ع ۾ ۽ انٽر 1968ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور خاص مان، بي. اي 1980ع ۾ ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ 1984ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان ڪاليج سائيڊ کان ڪئي. ايل. ايل. بي 1988ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. 1967ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن بعد 1987ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. هي تعليم کاتي ۾ سپروائيزر ۽ ڪجهه عرصو سيڪنڊري ايجوڪيشن پروجيڪٽ آفيسر ٿي رهيو ۽ 1997ع ۾ رٽائر ٿيو. عاجز اڄڻ کي ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. سندس گهڻو تڻو ڪلام ڳايل آهي، سندس ڪيترائي ڪلام انور حسين وسطڙي، ڦوٽي زرداري، وحيد علي، قمر سومري ۽ ٻين فنڪارن ڳايا آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ‘عشق آڏيري ول’ 2012ع ۾ ‘المهراڻ فائونڊيشن سانگهڙ’ طرفان شايع ٿيل آهي. هي علم عروض جو ڄاڻو ۽ فن جو پختو شاعر هو. هن 9 اپريل 2013ع تي 66 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان، لڳ اولياءَ بهرام بري، سانگهڙ ۾ واقع آهي.
1947.03.02 عيسوي
عاجز اڄڻ جو جنم 2 مارچ 1947ع تي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو.
2013.04.09 عيسوي
عاجز اڄڻ 9 اپريل 2013ع تي 66 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان، لڳ اولياءَ بهرام بري، سانگهڙ ۾ واقع آهي.