عادت

عادت (Habbit): عادت انسان جي فطرت (Second Nature) ۾ شامل آهي، عادت کي ‘فطرت’ يا ‘طبيعت ثانيہ’ بہ چئي سگهجي ٿو. انسان جي هلت چلت (Behaviour) جو بنياد مجموعي طور ٻن لاڙن يا جبلتن تي مشتمل هوندو آهي: هڪ فطرتي جبلت ۽ ٻيو فعل. جبلت اهو عمل آهي، جيڪو پاڻمرادو (Automatically) ٿيندو رهي ٿو ۽ ان تي انسان جو وس يا ضابطو ناهي هلندو، جبلت فطرت جي قانون تحت ۽ عادت ماحول جي طرفان ڏنل يا سيکاريل هوندي آهي. هڪ انگريزي نفسيات مطابق تہ ‘عادت هڪ مشقي فعل’ (Repeated Action) هوندي آهي. يعني اهو عمل يا فعل جيڪو گهڻا ڀيرا ورجائڻ سان جسماني ۽ تنتي سرشتي ۾ اهڙي لچڪ يا وهڪ پيدا ٿي پوندي آهي، جو بار بار پاڻمرادو ساڳيو نمونو ٿيندو رهندو آهي ۽ اهڙي عمل کي عادت چئجي ٿو. مطلب تہ انسان جيڪي ڪجهہ ڪري ٿو، سو جبلت تحت يا عادت تحت ڪندو آهي يا وري ڪو ڪم گهڻا ڀيرا ورجائڻ سان ايترو تہ آسان ٿي وڃي جو انسان جي توجھہ ۽ خيال کان سواءِ پاڻمرادو يا پنهنجو پاڻ سرانجام ٿيندو رهي، تہ ان کي بہ عادت سڏيو ويندو آهي. مثال طور: روزانو مقرر وقت تي جاڳڻ، سمهڻ، معمول مطابق زندگيءَ جا ڪم ڪاريون ڪرڻ، کائڻ پيئڻ، سگريٽ ۽ چانھہ پيئڻ وغيرہ سڀ عادتون آهن. عادت هڪ سکيا جو عمل (Acquired Learned Tendency) آهي. عادت کي جسماني ضرورت جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي، پر جڏهن تہ جبلت پاڻمرادو ڪم ڪندي آهي.
خاصيتون (Characteristics): عادت هڪ سکيا وارو عمل آهي، جيڪو پوري غير ارادي (Autonomous) ۽ ميڪانتي (Mechanical) بڻجي ويندو آهي. عادتي عمل ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي، مثال هڪ ئي انداز سان اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، هلڻ، ڳالهائڻ، سمهڻ وغيرہ.
عادتي فعل بلڪل پورو هوندو آهي. ان ۾ ڪا بہ گهٽ وڌائي نہ هوندي آهي. نفسياتي طور عادت ۾ ڪا نہ ڪا نفسياتي ڪيفيت موجود هوندي آهي، جيئن تہ ڪجهہ ماڻهو چانھہ، سگريٽ، نشو يا پان کائڻ وغيرہ کان پوءِ سڪون محسوس ڪندا آهن. عادت ۾ هڪ قسم جو زور يا جبر ڏٺو ويندو آهي، جڏهن تہ اسين ان فعل جا عادي ٿي ويندا آهيون تہ ان کي پورو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون. عادت کي آساني سان ڇڏي نہ ٿو سگهجي. نفسياتي لحاظ کان اهو ڏٺو ويو آهي تہ ٻار جي پيدا ٿيڻ سان ئي ان ۾ عادت جو عنصر پئجي وڃي ٿو، جيئن ٻار پهريان ڳالهائي نہ سگهندو آهي تہ پنھنجي ڪنهن بہ گهرج يا ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ بار بار حرڪت ڪندو، جيئن ئي ان جي گهرج پوري ٿيندي تہ هو پنھنجي ان حرڪت کي عادت جو روپ ڏئي ڇڏيندو آهي.
عادتن جا قسم (Kinds of Habbits): عادتن جا ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ ڪجهہ هن ريت آهن:
حسي يا ادارڪي عادتون (Sensory or Perceptional Habbits): عادت جو اهو قسم، جنهن جي ذريعي اسين دنيا جي معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ڪريون ٿا ۽ جهڙي نموني اهي شيون اها معلومات ۽ ڄاڻ پهچي ٿي، جنهن کي تجربو چئبو آهي، ان ۾ حسن ادارڪ جو ئي خاص عمل
دخل آهي.
حرڪي عادتون (Motor Habbits): هن قسم جي عادت ۾ انسان پنھنجي جسم جي عضون کان مختلف ڪم وٺندو آهي ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ اهي عضوا ان ڪم ڪرڻ جا عادي ٿي ويندا آهن، جيئن سائيڪل هلائڻ، ترڻ، گهوڙي سواري ڪرڻ يا وري ٽائيپنگ ڪرڻ وغيرہ.
شعوري عادتون: هي عادت جو هڪ اهڙو قسم آهي، جنهن کي ڪو بہ انسان ترقي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لاءِ ڄاڻ ۽ سوچي سمجهي عمل سرانجام ڏئي ٿو. مثال طور: ڪوڙ يا سچ ڳالهائڻ، جيتوڻيڪ ان عمل جي خبر بہ هوندي آهي.
لاشعوري عادت: اهڙي قسم جون عادتون جن جي ڪا خبر نہ هجي يعني اهي عمل يا فعل ذهن ۾ هجن، جيستائين ٻيو ڪو ان عمل بابت ٻڌائي، جيئن پنھنجي ليکي، هٿ يا پير هڻڻ، وات يا ڪنڌ هڻڻ، چٻرا ڪرڻ، اکيون هر هر هڻڻ يا ڇنڀڻ.
عادتن مان فائدا: عادتن مان وڏي ۾ وڏو فائدو اهو آهي تہ انسان پنهنجا ڪم آساني سان ۽ تمام تيزيءَ سان ڪري سگهي ٿو، جنهن سان وقت پڻ بچي ٿو. عادت جي ڪري ذهني ۽ جسماني قوت بہ بچي ٿي، ڇو تہ جيڪڏهن هڪ ڪم بار بار ڪرڻ سان سولائي پيدا نہ ٿئي ها تہ ان ڪم ڪرڻ لاءِ هر وقت جدا جدا محنت ڪرڻي پوي ها ۽ وقت جو نقصان ٿئي ها. اڪثر ڪري گهڻا ڪم انسان عادتن تي ڀاڙي ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري اهي ڪم بي ڊپا ۽ بي خوف ٿي ڪندا آهن، جنهن سبب عادت کي (Second Nature) ثانوي فطرت پڻ چيو وڃي ٿو.
عادتن مان نقصان: هڪ ماهر نفسياتدان جو قول آهي تہ: “بھترين عادت اها آهي تہ انسان ۾ ڪا بہ عادت نہ هجي.” ڇو تہ عادتون انهيءَ صورت ۾ تمام خراب ثابت ٿين ٿيون، جڏهن عادت کان سواءِ انسان ڪو خاص ڪم ڪري نہ سگهي يعني جنهن کان سواءِ اهو ڪم يا عمل ٿي نہ سگهي يا ڪرڻ ۾ مشڪل پيدا ٿئي ۽ انسان ان ڪم جو غلام ٿي پوي.
عادتن جي ڪري انسان مان قوت، ارادي، ان جي پختگي ۽ برداشت يعني سھپ جو مادو ختم ٿي وڃي ٿو. هر ڪم جا ٻہ پهلو ٿين ٿا، هڪ سٺو ۽ هڪ خراب. عادتن کان رڳو هڪڙو فرد متاثر نہ ٿو ٿئي، پوءِ اهو پوري سماج تي اثر وجهن ٿيون. اهڙي طرح جسماني توڙي ذهني نقصان پڻ ٿئي ٿو. سٺيون عادتون هميشہ سٺي ڪردار کي تشڪيل ڏينديون آهن ۽ خراب عادتون هميشہ خراب ڪردار کي تشڪيل ڏينديون آهن، جنهن ڪري عادتن کي سٺو خادم ۽ خراب آقا بہ چئي سگهجي ٿو. خراب عادتن کي ڇڏڻ لاءِ ڪجهہ نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي تہ هپناٽزم (Hypnotism) ۽ تحليل نفسي (Psycho Analysis) ذريعي عادت کي ڇڏي سگهجي ٿو.


لفظ عادتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو