عاديات سورت

عاديات (سورت): والعٰديٰت قرآن مجيد جي سورت نمبر 100 آهي. هڪ رڪوع ۽ يارهن آيتن تي مشتمل هيءَ سورت مڪي ۾ نازل ٿي. مگر حضرت انس بن مالڪ ۽ حضرت قتاده رضي عنها فرمائن ٿا تہ هيءَ سورت مديني شريف ۾ نازل ٿي، پر سورت جي مضمون ۽ بيان جي انداز مان معلوم ٿئي ٿو تہ هي مڪي سورت آهي. هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ انسان آخرت جو انڪاري ٿئي يا ان کان غافل رهي، تہ ڪهڙي نہ اخلاقي پستي ۾ وڃي ڪري ٿو. پڻ هي تہ آخرت ۾ صرف انهن جا ظاهري ڪم تي نہ بلڪہ انهن جي دلين ۾ بہ جيڪي ڪجهہ لڪل هوندو، ان جي بہ جاچ پڙتال ٿيندي. ايئن کڻي چئجي تہ انسان آخرت ۾ جواب ڏيڻ واري حقيقت کان غافل ٿي پنھنجي رب جو نا شُڪرو ٿي پيو آهي ۽ اهو ان (خدا) جي ڏنل طاقتن کي ظلم، ڏاڍ ۽ ڦرمار لاءِ استعمال ٿو ڪري. جيڪڏهن اهو (انسان) هي پڪ ڄاڻي ها تہ ڪو قبرن مان اٿي هڪ ڏينهن زندہ ٿي اٿڻو آهي تہ جيڪر ان جو اهو رويو هرگز نہ هجي ها، جنهن ۾ هو ورتل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو