عاشق نظاماڻي

عاشق نظاماڻي

عاشق نظاماڻي

عاشق نظاماڻي: مشھور فنڪار عاشق نظاماڻيءَ جو پورو نالو عاشق علي ولد خير محمد نظاماڻي آهي. سندس جنم 5 مارچ 1965ع تي ڳوٺ نئون آباد، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد مزدور هو. عاشق ٽن سالن جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. جنهن سبب سندس پالنا ماءُ ڪئي. عاشق جي تعليم ايم. اي (سنڌي) ۽ ايم. ايڊ آهي. 1980ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو. 1990ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. گهڻو عرصو شيخ زيد هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ بعد هاڻي پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ ۾ دلچسپي هئي. 1987ع ڌاري نامور راڳي استاد انور علي سانگيءَ جو شاگرد ٿيو. جنهن بعد باقاعدہ ڳائڻ لڳو. عاشق نظاماڻيءَ کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا متعارف ڪرايو. جنهن دوران سندس ريڊيو تي پهريون غزل ضمير ڦل جو ‘مونکي اهڙي ڄاڻ نہ هئي ڪي کلڻا ماڻهو روئي ويهندا’ رڪارڊ ٿيو. 1989ع ڌاري پي. ٽي. وي تي کيس نامور اديب ۽ پروڊيوسر بيدل مسرور ‘ڪچهري’ پروگرام ۾ ڪاظم ٽالپر جو غزل ‘اويلا مسافر هيل نہ اچجان’ رڪارڊ ڪيو. ان بعد پي ٽي وي جي مختلف ۾ پروگرامن: پرک، سنڌ سينگار، سوجهرو، مهڪار وغيرہ ۾ فن جو مظاهرو ڪيائين. هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست سميت جديد شاعرن شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو، اياز گل، جواد جعفري، ايوب گاد وغيرہ جا ڪلام ڳائي بيحد مقبوليت ماڻي اٿس. عاشق نظاماڻي سنڌ سيمت ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سندس ٻيو نمبر گهر واري ڪنول ابڙو پڻ ناليواري فنڪارہ آهي. عاشق نظاماڻي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عاشق نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.03.05  عيسوي

عاشق نظاماڻيءَ جو پورو نالو عاشق علي ولد خير محمد نظاماڻي آهي. سندس جنم 5 مارچ 1965ع تي ڳوٺ نئون آباد، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد عاشق علي خان
صادق فقير
ٻارٽ
عاشق نظاماڻي
سيد احمد شاھہ
سرمد سنڌي
خادم حسين ديوانو
استاد گلزار علي خان
چَند فقير
الھڏنو خاصخيلي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون