عاشوره (اصطلاح): هي عربي ٻوليِءَ جو لفظ آهي، جيڪو عَشَرَ مان ٺهيو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ ‘ڏھہ’ (10) آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ محرم شريف جي ڏهين تاريخ کي چيو وڃي ٿو. مديني شريف هجرت ڪري وڃڻ کانپوءِ مسلمانن تي رمضان شريف جا روزا فرض ٿيا، ان کان اڳ ۾ اهي عاشوري جو روزو رکندا هئا. يهودي بہ انهيءَ ڏينهن جو روزو رکندا هئا، ڇو تہ انهيءَ ڏينهن تي حضرت موسى عليہ السلام سان گڏ بني اسرائيلين کي فرعون ۽ ان جي لشڪر کان نجات ملي. هي پڻ چيو وڃي ٿو تہ انهيءَ ڏينهن تي حضرت آدم عليہ السلام ۽ حضرت بي بي حوا جي تخليق ٿي. جنت، دوزخ، حياتي، موت ۽ تقدير کي خدا ان ڏينهن تي پيدا ڪيو. انهيءَ ڏينهن تي حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي ڀِڪ سان لڳي ۽ ماڻهو ان مان سلامتيءَ سان زمين تي لٿا ۽ انهيءَ ڏينهن تي زيارت ڪندڙن لاءِ ڪعبة ﷲ شريف کي کوليو ويو. هيءُ پڻ چيو وڃي ٿو تہ شروعات ۾ اهو ڏينهن خوشيءَ جي اظهار لاءِ خاص هو، پر ڏهين محرم 61 هجري مطابق 10 آڪٽوبر 680ع تي ڪربلا جي ميدان ۾ يزيدي فوجن حضرت امام حسين عليہ السلام، سندن خاندان ۽ سندس ساٿين کي نهايت بي درديءَ سان شھيد ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن کانپوءِ عاشوره (10 محرم) غم ۽ ڏک جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو. انهيءَ ڏينهن تي حضرت امام حسين عالي مقام عليہ السلام جي ياد کي مختلف طريقن سان زندہ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڏينهن تي علماء ڪرام وعظن ۽ تقريرن ذريعي فلسفہ شهادت ۽ حضرت امام حسين عالي مقام جي اسلام لاءِ ڏنل قرباني ۽ فڪر کي اجاگر ڪن ٿا. نذر و نياز ورهايو وڃي ٿو.