
عاشوره (قلمي نسخو)
عاشوره (قلمي نسخو): هي قلمي نسخو ‘عاشوري’ بابت لکيل آهي، جنهن جو مصنف نامعلوم آهي. هي نسخو خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هن جو ڪاتب ۽ ڪتابت جي تاريخ پڻ نامعلوم آهي. نسخي جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
“بسم ﷲ الرحمٰن الرحيم پيغمبر
جي فرمايو تہ جيڪو رات عاشوري
جي سا رڪعتن .... الخ”
پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي:
“.... سيد عبدالله صحابي رحمة ﷲ عليہ” 120 صفحن تي مشتمل هن نسخي جي هر صفحي تي 12 سٽون آهن. هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.