عاصم بن ثابت رضي ﷲ عنه

عاصم بن ثابت رضي ﷲ عنه: عرب جي اوس قبيلي سان واسطو رکندڙ حضرت عاصم رضي ﷲ عنه جي ڪنيت ابو سلمان هئي. هجرت کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو. بدر جي جنگ ۽ ان کانپوءِ لڳندڙ سڀني جنگين ۾ شامل ٿيو. بدر جي جنگ ۾ عقبه بن معيط نالي هڪ وڏو ڪافر هن جي هٿان قتل ٿيو تہ عقبه جي ماءُ واعدو ڪيو تہ جيڪو بہ حضرت عاصم رضي ﷲ عنه جو سر آڻي ڏيندو تہ مان ان جي کوپريءَ ۾ شراب وجهي پيالي وانگر پيئنديس. سن 3 هجريءَ ۾ حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن حضرت عاصم رضہ کي ڏھہ همراھہ ڏئي ڪنهن طرف جاسوسيءَ لاءِ موڪليو. ابن لحيان کي اها خبر پئي تہ ان حضرت عاصم رضي ﷲ عنه ۽ سندس ساٿين کي هڪ پهاڙيءَ وٽ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ حضرت عاصم رضي ﷲ عنه سميت ستن ڄڻن کي شھيد ڪري ڇڏيائين. قريش کي موقعو ملي ويو تہ جيئن اهي سندس سر ان عورت کي آڻي ڏين ۽ پنھنجي مرضيءَ جي رقم وصول ڪن. ان ارادي سان اهي جڏهن حضرت عاصم رضي ﷲ عنه جي لاش وٽ پهتا تہ انهن کي اوچتو خوفناڪ مکين اچي ورايو ۽ انهن ڀڄي جان ڇڏائي. ٻئي ڏينهن تي تيز برسات پئي، جنهن سان ٻوڏ آئي، ان ٻوڏ ۾ حضرت عاصم رضي ﷲ عنه جو لاش لڙهي گم ٿي ويو. اهڙيءَ طرح ڪافرن کي سندس لاش جي بي حرمتيءَ جو موقعو نہ ملي سگهيو ۽ ﷲ تعالى سندن حفاظت ڪئي. عرب جو مشھور شاعر احوص، حضرت عاصم رضہ جو پوٽو هو ۽ ان جي ڀيڻ حضرت امير عمر رضي ﷲ عنهجي نڪاح ۾ هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو