عاصم بن ثابترضه: عرب جي اوس قبيلي سان واسطو رکندڙ حضرت عاصم رضہ جي ڪنيت ابو سلمان هئي. هجرت کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو. بدر جي جنگ ۽ ان کانپوءِ لڳندڙ سڀني جنگين ۾ شامل ٿيو. بدر جي جنگ ۾ عقبه بن معيط نالي هڪ وڏو ڪافر هن جي هٿان قتل ٿيو تہ عقبه جي ماءُ واعدو ڪيو تہ جيڪو بہ حضرت عاصم رضہ جو سر آڻي ڏيندو تہ مان ان جي کوپريءَ ۾ شراب وجهي پيالي وانگر پيئنديس. سن 3 هجريءَ ۾ حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن حضرت عاصم رضہ کي ڏھہ همراھہ ڏئي ڪنهن طرف جاسوسيءَ لاءِ موڪليو. ابن لحيان کي اها خبر پئي تہ ان حضرت عاصم رضہ ۽ سندس ساٿين کي هڪ پهاڙيءَ وٽ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ حضرت عاصم رضہ سميت ستن ڄڻن کي شھيد ڪري ڇڏيائين. قريش کي موقعو ملي ويو تہ جيئن اهي سندس سر ان عورت کي آڻي ڏين ۽ پنھنجي مرضيءَ جي رقم وصول ڪن. ان ارادي سان اهي جڏهن حضرت عاصم رضہ جي لاش وٽ پهتا تہ انهن کي اوچتو خوفناڪ مکين اچي ورايو ۽ انهن ڀڄي جان ڇڏائي. ٻئي ڏينهن تي تيز برسات پئي، جنهن سان ٻوڏ آئي، ان ٻوڏ ۾ حضرت عاصم رضہ جو لاش لڙهي گم ٿي ويو. اهڙيءَ طرح ڪافرن کي سندس لاش جي بي حرمتيءَ جو موقعو نہ ملي سگهيو ۽ ﷲ تعالى سندن حفاظت ڪئي. عرب جو مشھور شاعر احوص، حضرت عاصم رضہ جو پوٽو هو ۽ ان جي ڀيڻ حضرت امير عمر رضہ جي نڪاح ۾ هئي.