
عالمگير
عالمگير: اردوءَ جو مشھور پاپ ڳائڻو عالمگير 1955ع ڌاري اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ ڄائو. سندس والد انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو ميمبر ۽ ان وقت جو مشھور سياستدان هو. هن شروعاتي تعليم مرزاپور ڪيڊٽ ڪاليج تنگيل اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) مان ورتي. بي. اي، ايف. شاهين ڪاليج ڍاڪا مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ هو ڪراچيءَ هليو آيو، تڏهن سندس عمر 15 سال هئي. هن جو خيال هو تہ ڪراچيءَ مان تعليم مڪمل ڪري هو هميشہ لاءِ آمريڪا هليو ويندو. هن جي ڪراچيءَ ۾ رهائش پي. اي. سي. ايڇ سوسائٽيءَ ڪراچيءَ ۾ هئي. هن طارق روڊ تي هڪ ننڍڙي ‘هوٽل گلوب’ تي 350 روپيہ ۽ رات جي مانيءَ تي هوٽل تي گٽار وڄائڻ ۽ ڳائڻ جي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. انهيءَ هوٽل تي گهڻو ڪري اتان جا دانشور ايندا هئا. اهڙن مشھور ماڻهن هن جي وڄائڻ ۽ ڳائڻ جي نئين انداز لاءِ جڳھہ پيدا ڪري ورتي. اتي ئي ڪنهن هن کي صلاح ڏني تہ هو پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي موسيقيءَ جي ٿيندڙ پروگرام ‘فروزان’ ۾ پنھنجي قسمت آزمائي. اهو پروگرام خوش بخت عاليه ڪندي هئي، جيڪو نوجوانن جو پروگرام هو. هن خوشبخت وٽ آڊيشن ڏني، جتي ڪامياب ٿيو. ان آڊيشن مان ٻاهر نڪتو، تہ مشھور ڳائڻو ۽ موسيقار احمد رشدي جنهن کيس آڊيٽنگ ۾ ٻڌو هو، ان هن کي چيو تہ هو وٽس ٽي. وي جي پروگرام ‘هم هي هم’ ۾ گٽارسٽ طور ڪم ڪري. ائين عالمگير موسيقيءَ جي دنيا ۾ باقاعدہ داخل ٿي ويو. هن 1970ع کان پي. ٽي. وي تي پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا. ان وقت ۾ پاپ ميوزڪ کان ماڻهو گهٽ مانوس هئا ۽ هن محنت ڪري ماڻهن کي پاپ ميوزڪ طرف مائل ڪيو. 1973ع ۾ شاعر صديقي پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي ‘سنڊي ڪي سنڊي’ ميوزڪ پروگرام شروع ڪيو تہ عالمگير هڪ گيت ڳايو ‘البيلا راهي’ ۽ ڏاڍو مقبول ٿيو. ‘جهيل پارڪ تي عالمگير روزانو اچي گٽار وڄائيندو هو ۽ڪراچيءَ جا ماڊرن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ميڙ ڪري هن نئين نسل جي ڳائڻي ۽ موسيقار کي ٻڌڻ ايندا هئا. هن جو ٻيو پاپ سانگ ‘پيار هي زندگي ڪا گهنا’ ڏاڍو پسند ڪيو ويو. اهو ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي شاعريءَ مان ترجمو ڪيو ويو هو. هن جو مشھور بنگالي گانو ‘امي ڀشيلي ري’ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن پوءِ تمام گهڻو ۽ دل سان ڳايو ۽ ڳائي رهيو آهي. کيس ڪيترائي اوارڊ مليا، جن مان ‘پرائيڊ آف پرفارمنس’ (2013ع) ۽ ‘نگار اوارڊ’ (1977ع) اهم آهن. هن هڪ فلم ‘آئينہ’ ۾ بہ ڪم ڪيو آهي. ان کان سواءِ سندس ڪيتريون ئي ڪئسيٽون ۽ ڊسڪون نڪتل آهن، جن مان ‘آئينہ’،، ‘امي ڀشيلي ري’، ‘ديکا نہ ٿا ڪڀي هم ني يه سمان’، ‘ديک تيرا ڪيا رنگ ڪرديا هي’، ‘هرٽ بيٽ’ (1992)، ‘هم سب ڪا پاڪستان’، ‘ڪھہ دينا’، ‘خيال رکنا’، ‘مائون ڪي دعا پوري هئي’، ‘شام سي پهلي آنا’ وغيرہ. سندس زندگيءَ تي ‘البيلا راهي’ نالي فلم، سلطان غنيءَ جي ڊائريڪشن ۾ 2017ع ۾ رليز ٿي. جنهن ۾ فواد خان سندس ڪردار ادا ڪيو آهي.