عالم خان مري: سنڌ تي ميرن جي دور حڪومت ۾ شڪارپور جو ناظم رهندڙ خان مري'>عالم خان مري، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ٽنڊي نهال ۾ جھان خان مري جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ اڃا ننڍڙو ئي هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن سبب سندس پالنا والدہ جي هٿ هيٺ ٿي. پنھنجي عقل ۽ اخلاق سبب مقامي سطح تي وڏي عزت ماڻيائين. راڄن جي ننڍن وڏن معاملن کي حل ڪرڻ سبب تمام گهڻو مقبول ٿيو. مير حڪمرانن سندس صلاحيتن کي ڏسي 1824ع ۾ شڪارپور لاءِ ناظم مقرر ڪيو. هن پنھنجي عهدي جو اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ رعيت جي معاملن ۾ ايتري دلچسپي ورتي، جو سندس بهتر انتظامن جي هر هنڌ هاڪ هُلي وئي. ميرن سندس خدمتن کي نظر ۾ رکندي کيس مسلسل اُن عهدي تي بحال رکيو. جنهن سبب پاڻ لاڳيتو نون سالن تائين ناظم رهيو. ان وچ ۾ شاھہ شجاع ايندي ويندي سنڌ مان ڦرلٽ ڪندو رهيو. نيٺ شاھہ شجاع افغانستان مان تڙجي لڌيانه پهتو، جتان انگريزن جي پٺڀرائي حاصل ڪري شڪارپور آيو. سندس خيال هو تہ شڪارپور ۾ رهي افغانستان جو اقتدار ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪجي. سنڌ جي مير حڪمرانن ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪندي، شاھہ شجاع کي شڪارپور ۾ 40 ڏينهن تائين رهڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ 40 هزار روپيا ڏن ڏيڻ جو واعدو ڪيو. شاھہ شجاع واعدي مطابق 40 ڏينهن بعد ڏن حاصل ڪرڻ کانپوءِ شڪارپور ڇڏڻ بدران موسم جي خرابيءَ جو سبب ڄاڻائي ويهي رهيو ۽ ان دوران ٻيون ناقابل برداشت حرڪتون ڪندو رهيو. هن ميرن کان وڌيڪ مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي ميرن ٿڏي ڇڏيا. کيس سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيائون. شاھہ شجاع کي جڏهن ميرن جي اهڙي حڪمت عمليءَ جي خبر پئي تڏهن ميرن جي ٻن ناظمن خان مري'>عالم خان مري ۽ محمد ڪاظم شاھہ کي پنهنجن عهدن تان زبردستي دستبردار ڪري، شڪارپور تي قبضو ڪري ورتو. شڪارپور تي قبضي بعد ‘گوسڙجي’ ۾ حاجي هدايت ﷲ خان تي ڪڙڪيو. ٻنهي ڌرين ۾ سخت ويڙھہ ٿي. پٺاڻن جو وڏو نقصان ڪرڻ کانپوءِ خان مري'>عالم خان مري پنھنجي ڪيترن ئي ساٿين سان گڏ شھيد ٿي ويو.پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي پنھنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ لکيو آهي تہ “مير صاحبن کي شاھہ شجاع جي شڪارپور تي قبضي جي خبر پهتي تہ هو ماٺ ڪري ويهي رهيا. اهي ذهني پسماندگيءَ جو شڪار بنجي ويا هئا. اتي هن جوڌي (خان مري'>عالم خان مري) دشمن خلاف محاذ قائم ڪري مقابلي ۾ شهادت ماڻي.” عالم خان مريءَ جو لاش اتان کڻائي تعلقي ڪوٽڏجيءَ جي تاريخي قبرستان ‘شاھہ مقصوده’ يا ‘شاھہ مشڪوده’ ۾ دفنايو ويو. مٿس قبو پڻ اڏيل آهي. جنهن ۾ ٻيون تربتون پڻ موجود آهن، جن لاءِ خيال آهي تہ کرڙيءَ واري جنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ سندس پٽ جھان خان مري، ۽ عالم خان سان گڏ زخمي ٿيندڙ سندس وفادار ساٿي شير محمد خان بڙديءَ جون آهن. هن جنگ جي اٺين ڏينهن کرڙيءَ واري جنگ لڳي هئي.