عاليه چنا

عاليه چنا

عاليه چنا

عاليه چنا: مشھور اداڪارہ عاليه چنا جو جنم 12 آگسٽ 1983ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو. سندس والدہ شبيران چنا کيس شوبز جي دنيا ۾ آندو. سندس تعليم انٽر آهي. هن فن جي شروعات ٻاراڻن ڪردارن ڪرڻ سان ڪئي. هن 1990ع ۾ پي. ٽي. وي تان پيش ٿيندڙ ٻارن لاءِ پروگرام ‘روشن تارا’ ۾ حصو وٺي پنھنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. عاليه پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تي هلندڙ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي. سندس مشھور ڊرامن ۾ رواج، هر شخص ڪهاڻي آ، هار، بوبيز ڊرائنگ روم، هائوس نمبر D-70 قابل ذڪر آهن. هوءَ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پڻ سنڌيءَ جا مختلف پروگرام ڪندي رهي ٿي ۽ ماءُ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عاليه چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.08.12  عيسوي

عاليه چنا جو جنم 12 آگسٽ 1983ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد امجد علي خان
رحيم بخش جمالي
نثار بزمي
جيلاني حنا
آخوند حافظ ولي محمد
سيد حيدر شاھہ 2
خليفو محمد سجاول خان
خواجہ فريدالدين ’عطار‘
صفائي بکري
دريا خان کوسو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون