عالي جان واھہ

عالي جان واھہ: هي مشھور واھہ ٺٽي شھر منجهان وهندو هو. انهي واھہ کي غالباً ‘خانواھہ’ بہ سڏيندا هئا، ڇو تہ تاريخ معصومي ۽ تاريخ طاهري ۾ هن جو نالو خانواھہ ڄاڻايل آهي. انهي واھہ جي سلسلي ۾ روايت اهي تہ اهو ڄام نظام الدين جي وزير اعظم ۽ سپھہ سالار درياھہ خان شھيد کوٽايو هو تہ جيئن انهي جي ذريعي شھر جي آسپاس خواھہ ساڪري جون زمينون آباد ٿين. انهي واھہ وٽ شاھہ بيگ ارغون سان شھيد درياھہ دولھہ خان جو آخري مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سموري لشڪر درياھہ خان سان گڏجي شھيد ٿي، ديس مٿان جان ڏني ۽ ميرزا شاھہ بيگ ارغون سنڌ کي انهي جنگ ۾ فتح ڪيو. تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي تہ جڏهن ميرزا باقي بيگ ترخان خودڪشي ڪئي ان وقت سندس پٽ ميرزا مظفر بدين کان هلي اچي عالي جان واھہ جي ڪپ تي لٿو، تاڪه شھر ۾ داخل ٿي پڳ ٻڌي پر اميرن ميرزا پائينده بيگ کي ٻڌائي ملڪ جو والي بنائي ڇڏيو. ميرزا مظفر اهو ٻڌي عالي جان واھہ ڪپ تان ئي واپس بدين موٽي ويو. شاھہ قاسم بيگلار جي پٽ ابو القاسم سلطان جڏهن ميرزا غازي بيگ ترخان سان بغاوت ڪئي تہ ان وقت 1010ھہ/1601ع ۾ ميرزا غازي ڏانهن پيغام موڪليائين تہ تنھنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ‘بارگاھہ واھہ’ جي حد آهي، هي پاسو منهنجو ۽ پريون پاسو تنهنجو، جيڪڏهن اها ڳالھہ قبول نہ ڪندين تہ آءٌ ٺٽي پهچي ‘عالي جان’ واھہ کي سرحد بڻائيندس. عالي جان واھہ جو ذڪر ٺٽي جي ڪيترن ئي شاعرن پنھنجي شعرن ۾ ڪيو آهي.


لفظ عالي جان واھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو