عالي شاھہ ۽ ابو شاھہ لڪياري

عالي شاھہ ۽ ابو شاھہ لڪياري: عالي شاھہ ۽ ابو شاھہ ٻئي ڀائر هئا، جيڪي اصل لڪي شاھہ صدر جا رهواسي هئا، جن لڪيءَ مان نڪري دادو ضلعي جي ڳوٺ لطف علي ڀنڊ جي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي اچي آستانو قائم ڪيو. ٻئي ڀائر لوڪ فقير هئا. قرآن شريف جا حافظ هئا. ڪيترائي ماڻهو سندن خدمت ۾ حاضر ٿي فيض حاصل ڪندا هئا. هنن جي مزارن مٿان مقبرو اڏيل آهي. انهن مزارن سان گڏ هڪ ننڍي ٻار جي بہ مزار آهي. سيد عالي شاھہ ۽ ابو شاھہ جي مزار تي هر سال ميلو لڳندو آهي. ميلي جي موقعي تي ملاکڙو بہ لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ملھہ پهلوان فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن درگاھہ جو سجادہ نشين سيد ڪامل شاھہ هو، جنهن جي وفات کانپوءِ سيد ممتاز شاھہ (جيل سپرينٽينڊنٽ) سجادہ نشين آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو