عالي فقير ڀاڳت: ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي سپھہ سالارن مان عالي فقير ڀاڳت بہ بھادر شخص هو.ڪلهوڙن جي مشھور سپھہ سالار فريد فقير ڀاڳت جو ماسات هو. هن سيد عبدالله شاھہ گودڙيي جي خليفي سيد شاھہ شمس الدين جي درگاھہ ويجهو ڳوٺ ٻڌو هو ۽ ٻين مائٽن سان اتي رهائش پذير ٿيو هو. عالي فقير جي مزار ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ آهي.