عامر لطيف صديقي

عامر لطيف صديقي

عامر لطيف صديقي

عامر لطيف صديقي: عامر لطيف صديقي 10 جولاءِ 1976ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تـعـليـم پـاٽ جـي قاضـي احـمـدي اسڪـول مان، سيڪنڊري تـعـليـم نـور مـحمـد هـاءِ اسڪـول حيـدرآباد مان، ماسٽرس (سـوشـالاجـي) سـنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۽ ايم ايس (سوشل سائنس) SZABIST ڪراچيءَ مان ڪيائين. پاڻ ڪيتري عرصي کان تعليمي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهي. تعليم جي حوالي سان عالمي ۽ مقامي ادارن جھڙوڪ: ريسرچ ٽرائينگل انسٽيٽيوٽ [RTI]، آمريڪن انسٽيٽيوٽ فار ريسرچ [AIR]، ايجوڪيشن ڊيولپمنٽ سينٽر [EDC]، واٽر ائڊ، ڪريئٽو ايسوسيئيٽس انٽرنيشنل ۽ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت سان ڪم ڪري چڪو آهي. عامر لطيف، تحقيق ۽ تعليمي سڌارن جي حوالي سان ملائيشا، فلپائين، دبئي، ٿائيلينڊ جا دورا ڪيا اٿس. ان کان سواءِ آمريڪا ۾ قانونسازي ۽ پبلڪ سيڪٽر پاليسيز تي فيلوشپ ڪري چڪو آهي. تعليم جي حوالي سان اسڪولن، اسڪول مينيجمنٽ ڪميٽيز، استادن جي تربيتي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اسٽريٽجڪ پلاننگ تي ڪم ڪيو اٿائين. سندس خدمتون پرائمري نصاب، درسي ڪتابن ۽ تعليمي پاليسين جي سڌاري لاءِ رهيون آهن. پاڻ سنڌي ۽ اردوءَ جو سٺو شاعر آهي.


لفظ عامر لطيف صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.07.10  عيسوي

عامر لطيف صديقي 10 جولاءِ 1976ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام رسول انصاري
ابراهيم فقير مست جيسلميري
شاھہ رخ خان
ڊيوڊورس سائڪيولس
پارس جهانزيب
رضوي سيد قطب شاھہ
سترامداس ڪولهي پٽيل
دين محمد بُٺوي
آخوند اقبال احمد
چاڪر خان راڄڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون