عام الحزن

عام الحُزن: يعني غم جو سال. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي اعلان نبوت جو ڏهون سال، جيڪو مخصوص حالتن ۽ واقعن پٽاندر ‘عام الحزن’ مشھور ٿي ويو. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن شعب ابي طالب ۾ ٽن سالن جي بندش کانپوءِ جڏهن ٻاهر آيا تڏهن خيال اهو هو تہ هاڻي قريشن جي ظلمن جو سلسلو ڪجهہ گهٽبو ۽ اهي ڪجهہ نرمي ڪندا. ليڪن ٿورن ڏينهن کانپوءِ حضرت ابو طالب رضي ﷲ عنه بيمار رهڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو تہ قريشن ابو طالب جي وفات بعد ميدان خالي ڏسي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ابو طالب جي وفات کان ٻہ مهينا پوءِ وري پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي گهرواري حضرت خديجة الڪبريٰ رضي ﷲ عنها جو انتقال ٿي ويو. انهن ٻنهي سچن ۽ همدرد ساٿين جي وڇوڙي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي گهڻو غمگين ڪيو. ان ڪري انهي سال کي ‘عام الحزن’ (غم جو سال) چيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو