عام راءِ (رسالو): هي سنڌي رسالو سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سرپرستيءَ ۾ مشھور صحافي سيد سردار علي شاھہ ‘ذاڪر’ جي ادارت هيٺ 1949ع ۾ حيدرآباد مان جاري ٿيو، جيڪو ماهوار نڪرندو هو. هن رسالي جو علمي ۽ ادبي حوالي سان اعليٰ معيار هو. هن رسالي ذريعي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن سبب تمام گهڻو مقبول ٿيو. پر ڪجهہ ڪڙيون نڪرڻ کانپوءِ بند ٿي ويو.