عباد بن بشر رضي ﷲ عنه: حضرت عباد رضہ جي ڪنيت ابو البشر ۽ ابو رافع هئي. پاڻ مشھور اصحابي حضرت مصعب بن عمير رضہ جي ذريعي اسلام جي دعوت قبول ڪري اسلام ۾ داخل ٿيو. پاڻ سڀني غزون (جنگين) ۾ کلي ڪري حصو ورتائين. خندق واري جنگ جي موقعي تي حضور نبي ڪريم صہ جن جي خيمي جو پهرو ڏنائين. سن 9 هجريءَ ۾ کيس مدينه ۾ صدقن جي وصوليءَ جو عملدار بڻائي موڪليو ويو، جتي پاڻ انهيءَ ڪم سان گڏ اسلامي تبليغ جو ڪم بہ وڏي سرگرميءَ سان ادا ڪيائين. تبوڪ واري غزوي جي موقعي تي رات جو پهرو ڏيندڙ گشتي مجاهدن جو عملدار هو. انصاف ۾ وڏي فضيلت وارو شخص هو ۽ وڏن اصحابن ۾ ڳڻيو ويندو هو. حضرت عباد بن بشير رضہ تمام گهڻيون حديثون پڻ گڏ ڪيون هيون، جن مان ڪجهہ مروج حديثن جي ڪتابن ۾ موجود ۽ کانئس روايت ٿيل آهن. بنو مصطلق کي روزانو قرآن مجيد ٻڌائيندو هو ۽ کين ضروري مسئلن کان واقف ڪندو هو. هو گهڻو ڪري رات جاڳي گذاريندو هو ۽ سڄي رات عبادت ڪندو رهندو هو. حضرت عباد رضہ 11 هجريءَ ڌاري جنگ يمامه دوران پنجيتاليهن سالن جي عمر ۾ شهادت ماڻي.