عباسي ذات

عباسي (ذات): ‘ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا’ جي لکڻ موجب هيءَ حضرت عباس بن عبدالمطلب جو اولاد (بنو عباس) آهن. هي عباسي خلافت جي دور ۾ سنڌ ۾ آباد ٿي پاڻ کي ‘عباسي’ چوائڻ لڳا. انهن جو وڏو حضرت عبدالله، جنهن جو لقب ابو العباس عبدالله هو. انهيءَ خاندان مان سنڌ جا عباسي، ڪلهوڙا، ڪلوڙ، گگرا، اوڍاڻا، ڪرتيا ۽ ڪماڻ آهن، جن مان وري دائود پوٽا، ڪوري، لاشاري (سنڌي)، چينا (ڪوري) ۽ ڪلهوڙا فقير آهن. عباسي ۽ انهن جي شاخن وارا سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن. اي. ڊي. مئڪگلين ۽ ايڇ. اي. روز جي ڪتاب ‘The Glossary of the Tribes and Castes of Punjab and N.W.F.P)’ جي ترجمي ‘ذاتون ڪا انسائيڪلوپيڊيا’ ۾ عباسي (ذات) کي دائودپوٽن جي حڪمران خاندان جي نالي طور ڄاڻايل آهي. مئڪگلين جي بيان موجب هي بهاولپور جا نواب آهن ۽ مصر جي سلطنت عباسيه سان نسبت جي دعوى ڪن ٿا. خير محمد ٻرڙي ‘ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا’ ۾ صفحي 778 تي عباسين، ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جو گڏيل تفصيلي شجرو پڻ پيش ڪيو آهي. هن ذات وارن مان سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني رهي آهي. سياستدانن ۾ منور عباسي، اشرف عباسي، خاقان عباسي'>شاهد خاقان عباسي، ۽ اديبن ۾ تنوير عباسي قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو