نبي بخش عباسي

نبي بخش عباسي

عباسي نبي بخش

عباسي، نبي بخش: نامور اداڪار ۽ فنڪار نبي بخش عباسي، 14 آگسٽ 1947ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو. 1968ع ۾ ڪاليج جي مختلف ننڍن وڏن ڊرامن ۾ حصو وٺي اداڪاري طرف راغب ٿيو. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘موالي’ آهي. هي 1980ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پروگرام ‘نئين ٽھي’ ۾ ڪلام ڳائي ريڊيو تان متعارف ٿيو. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. جن ۾ ‘هر شخص ڪهاڻي آ’، ‘پٿر دنيا’، ‘ڪڏهن تہ ملنداسين’، ‘ٽٽل آئينو’، ‘روشن’، ‘برداشت’، ‘ناسور’، ‘پڃرو’، ‘نازو’، ‘پنهنجا پراوا’، ‘شطرنج’ ۽ ‘عشق جو انداز’ قابل ذڪر آهن. هن هڪ سنڌي ۽ ٽيلي فلم ‘جيجل ماءُ’ ۾ پڻ ڪم ڪري پاڻ مڃايو. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هيءُ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.14  عيسوي

نبي بخش عباسي، 14 آگسٽ 1947ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زبيدہ آپا
حامد الانصاري غازي
فائزه زهرا مرزا ڊاڪٽر
سچل شيخ
بلبن
پاٽائي اسحاق قلندر سنڌي
بگو جروار استاد
صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي
تحريما ميٺا
اندو شاهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون