
عباس سارنگ
عباس سارنگ: نوجوان ڪهاڻيڪار عباس سارنگ جو پورو نالو عباس علي ولد رسول بخش سومرو آهي. سندس جنم 12 آگسٽ 1972ع تي جيڪب آباد شھر ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري فيملي لائين اسڪول جيڪب آباد مان، مئٽرڪ ڪراچيءَ مان 1989ع ۾، انٽر سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪراچيءَ مان 1993ع ۾، ايم. اي (سنڌي) شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1998ع ۾ حاصل ڪئي. هن 2006ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيو. سندس ڪهاڻيون مختلف ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هينئر سنڌي ادبي سنگت ضلعي جيڪب آباد جو رابطہ سيڪريٽري آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘پکي اڏاڻا پيار جا’ (ڪهاڻيون: 2005ع)، ‘مقدس مٽي’ (ڪهاڻيون: 2009ع)، ‘مئل مک’ (ڪهاڻيون: 2015ع) ۽ ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب ‘مٽيءَ جو هاٿي’ (2018ع) شايع ٿيل آهن. کيس سنڌي ادبي سنگت طرفان ‘بھترين ڪهاڻيڪار اوارڊ’ ۽ ‘استاد مھر عبداللطيف اوارڊ’ مليل آهن. هيءُ سيشن ڪورٽ جيڪب آباد جو ملازم آهي ۽ جيڪب آباد ۾ رهي ٿو.
1972.08.12 عيسوي
عباس سارنگ جو جنم 12 آگسٽ 1972ع تي جيڪب آباد شهر ۾ ٿيو.