عباس شيخ

عباس شيخ : عربي ۽ فارسيءَ جو نامور عالم شيخ عباس، نصرپور جو رهاڪو هو. سندس والد جو نالو شيخ الياس هو، جيڪو بھترين خوش نويس پڻ هو. شيخ عباس، عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم ۽ فن ڪتابت جو ماهر هو. سندس متعلق عام روايت آهي تہ پاڻ رضوي سادات جو خاص ڪاتب هو. سندس ڪتابت ڪيل هڪ ڪتاب ‘فوائد الصوات’ سيد مصري شاھہ لائبرريءَ ۾ موجود آهي، جنهن تي ڪتابت جو سال 1151ھہ/ 1738ع ڄاڻايل آهي، جيڪو فارسي زبان ۾ بھترين خط ۾ تحرير ٿيل آهي. انهي ڪتاب جو مؤلف جمال ملاح نصرپوري هو. هن بزرگ 1180ھہ/ 1766ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو