عبدالاحد مير: نامور عالم ۽ بزرگ عبدالاحد ولد مولانا حامد الحق جو جنم 1339ھہ/ 1823ع ۾ شڪارپور شھر ۾ ٿيو. هي نامور عالم ۽ بزرگ شاھہ فقير ﷲ علويءَ جو پوٽو هو، عبدالاحد پنھنجي خاندان جي بزرگ ۽ شڪارپور جي نامور پارسي شاعر ملا صاحب ڏني کان ديني تعليم پرائي. هي سنڌيءَ کانسواءِ عربي ۽ فارسي زبانن تي بہ مهارت رکندو هو. انگريزن جي ابتدائي دور ۾ ڪاردار (مختيارڪار) جي عهدي تي ڪيترو ئي وقت فائز رهيو. ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سندس لکيل ٻن ڪتابن: ‘تاريخ لکي’ ۽ ‘قلمي بياض’ جو ذڪر ڪيو آهي. هي عالم 1311ھہ/1894ع وفات ڪري ويو.