عبدالباسط ٺٽوي شيخ : هي وڏو عالم ۽ فاضل بزرگ ٿي گذريو آهي. هي ٻارهين صدي هجري/ ارڙهين صدي عيسويءَ جي عالمن مان هو. ڪتاب ‘مشاهير سنڌ’ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، هي جوانيءَ ۾ روزگار جي تلاش ۾ شاھجھان آباد (دهلي) روانو ٿيو هو. ڪافي عرصي جي ڪوششن کان پوءِ وزير عنايت ﷲ خان سان رابطو ڪيائين ۽ ڪافي دفعا عبدالباسط لاءِ بادشاھہ کي سفارش ڪئي تہ هن کي ملازمت ڏني وڃي پر اورنگزيب ڌيان نہ ڏنو. عالمگير جڏهن خيرا رحمان بخش جو قلعو فتح ڪيو تہ عبدالباسط تاريخ فتح هڪ قرآني آيت مان ڪڍي بادشاھہ کي موڪلي. جڏهن اورنگزيب اها تاريخ ڏٺي تہ تمام گهڻو متاثر ٿيو. ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ مولانا وفائي اڳتي لکي ٿو ته، زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ بيت ﷲ جي زيارت لاءِ ويو ۽ حج ڪري هميشہ لاءِ ٺٽي ۾ مقيم ٿي ويو. هو گهڻو ضعيف هو، پر ان هوندي بہ عربي ڪتابن جي تدريس ۾ مصروف هوندو هو. شعر و شاعريءَ تي وڏي دسترس هئس، بالخصوص تاريخ گوئيءَ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. هن 1130ھہ/1717ع کان پوءِ وفات ڪئي.